مخالفن کي آخري وارننگ ڏئي رهيا آهيون، ڊيم نه ٺهڻ واري ايجنڊا کي پورو ٿيڻ نه ڏينداسين: چيف جسٽس

0Shares

اسلام آباد(بيورو) چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته ڊيم جي مخالفن کي آخري وارننگ ڏئي رهيا آهيون، هي سياسي نه پر بنيادي حقن جا ڪيس آهن، جيڪو عدالت کي بدنام ڪندو ان کي ائين نه ڇڏينداسين. جيڪو پاڪستان ۾ ڊيم نٿو ڏسڻ چاهي انهن جو ايجنڊا پورو ٿيڻ نه ڏينداسين. ڪنهن کي چوڻ جي ضرورت ناهي ته سپريم ڪورٽ پنهنجي سياسي پارٽي ٺاهي. سپريم ڪورٽ ۾ ڊوڊوچه ڊيم تعمير ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ۾ چيو ته ڪنهن کي چوڻ جي ضرورت ناهي ته سپريم ڪورٽ پنهنجي سياسي جماعت ٺاهي، سياست ڪرڻي اٿوَ ته ڪنهن ٻئي هنڌ وڃي ڪيو، ڊيم جي مخالفن کي آخري وارننگ ڏئي رهيا آهيون، هي سياسي نه پر بنيادي حقن جا ڪيس آهن، جيڪو عدالت کي بدنام ڪندو ان کي ائين نه ڇڏينداسين. جيڪو پاڪستان ۾ ڊيم نٿو ڏسڻ چاهي انهن جو ايجنڊا پورو نه ڪيو ويندو. ڪيس جي ٻڌڻي دوران آبپاشي سيڪريٽري عدالت کي ٻڌايو ته ڊيم زراعت کاتي کي تعمير ڪرڻا آهن، بحريه ٽائون اسان جي مالي مدد ڪري، چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته بحريه ٽائون پنجاب حڪومت جو فنانسر ناهي،  اصل ايشو ڊيم تي ڪميشن جو آهي، جنهن ڪمپني ڊيم ٺاهيو ته ڪميشن نه ملندي، هر ڪم تي ڪميشن نه هئڻ گهرجي، ٿورو سوچو ته هي ٽيم ڊيم صوبي جي عوام لاءِ ڪيترو ضروري آهي. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته پنجاب حڪومت ٽائيم فريم ڏي ته ڪيستائين ڊيم ٺاهيندي، پنجاب جو وڏو وزير ٻڌائي ته ڊوڊوچه ڊيم ڪڏهن تعمير ٿيندو، ڇا پنجاب جي وڏي وزير کي ايندڙ ٻڌڻي تي سڏائي وٺون. عدالت پنجاب حڪومت کي پروپوزل ۾ ڊيم جي تعمير ۽ مڪمل ٿيڻ جو ٽائيم فريم فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي ٻن هفتن تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ٻئي طرف جسٽس چڪ شهزاد ۽ ايگري فارم هائوس ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ ڊيم فنڊ جي ضامن آهي، ڪير به قبضو نٿو ڪري سگهي، اهو تاثر غلط آهي ته ڊيم فنڊ غيرقانوني ڪمن لاءِ استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏينداسين سپريم ڪورٽ ڀاشا ۽ مهمند ڊيمن جا نالا تبديل ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندي، ڊيم فنڊ سپريم ڪورٽ جي نالي تي ڪير به ان تي قبضو نٿو ڪري سگهي نه ئي ڪنهن کي ڊيم فنڊ تي قبضو ڪرڻ جي اجازت ڏني ويندي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں