ٻار ڪنهن جي ڪفالت ۾ آهن، ثبوت فراهم ڪيا وڃن: جسٽس اطهر من الله

0Shares

اسلام آباد(م ڊ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ سزا خلاف داخل اپيل تي ٻڌڻي ٿي، جنهن جي سربراهي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس جسٽس عطرمن الله . جسٽس گل حسن ۽ جسٽس اورنگزيب جن ڪئي، ان موقعيتي نواز شريف جي وڪيل خواجه حارث دليل ڏيندي چيو ته ٻار ڪنهن جي نگراني هئا، جنهن جو ثبوت يار رڪارڊ تي واجد ضيا جو بيان ناهي ڏٺو، جنهن ۾ هن ايون فيلڊ جي مڪليت ٻڌائي هجي ،ان موقعي تي جسٽس اورنگزيب ريماڪس ڏنا ته جيڪڏهن  مڪليت نه ٻڌائي وئي آهي ته ان جا نتيجا ڪهڙا نڪرندا ، ان تي خواجه حارث چيو ته جڏهن نيب وٽ ذريعن جو علم ئي نه هجي ته تضاد به معلوم نه ٿو ٿي سگهي، سپريم ڪورٽ ۾ نواز شريف مختلف درخواستون جمع ناهن ڪرايون، عدالتي فيصلي ۾ به نواز شريف جي مڪليت جو ذڪر ناهي ، جڏهن جائيداد جي قميت ئي ناهي لکي وئي ته ان جو نتيجو ڪئين ٿو ڪڍي سگهجي، ملڪيت جي آمدني جي قيمت ٻڌائڻ کان بغير چيو  ويو ته ملڪيت امدني کان وڌيڪ آهي، شاهدن جا به بيان موجود آهن، پر ڪنهن به فليٽس جي اصل قميت ناهي ٻڌائي، جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ به پنهنجي فيصلي ۾ فليٽس جي قميت جو پتو لڳائڻ جو حڪم ناهي ڏنوهو، نواز شريف جي وڪيل خواجه حارث چيو ته اها ڳالهه صحيح آهي ته سپريم ڪورٽ اهڙو حڪم ناهي ڏنو هو جڏهن ڪنهن شيءِ جو توڙ ڪڍڻو هوندو آهي ته مڪليت امدني کان وڌيڪ آهي يا نه تڏهن ته فليٽس جي قيمت معلوم ڪرڻي پوندي ، ڇو ته امدني جو ذريعو جائيداد جي قميت کي رقم ۾ تبديل ڪرڻو پوندو آهي، ان تي جسٽس اطهر من الله ٻيهر ريمارڪس ڏنا ته گڏيل خانداني نظام ۾ ٻار فيلٽس ۾ رهن ٿا ته نيب کي ٻڌائڻو پوندو ته هو ڪنهن جي نگراني هيٺ آهن، اها ڳالهه اهم آهن ته ٻار پنهنجي ڏاڏي جي نگراني ۾ پلجن ٿا يا پنهجي والد جي نگراني ۾ پلجي رهيا آهن، نيب جي پراسڪيوٽر اڪرم قريشي چيو ته اسلامي قانون ۾ ان معاملي بابت اصول واضح ڪيا ويا آهن، هن وقت عدالت هڪ طرف کان دليل ٻڌا آهن ، نيب پنهنجي دلين سان عدالت کي ضرور مطئمن ڪندي، توهان پنهنجي واري جي اچڻ مهل قانون بابت ٻڌايجو ، احتساب عدالت ته مفرضي جي بنياد تي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته ٻار والد جي نگراني هيٺ پلجي رهيا آهن، نواز شريف عدالت ۾ دليل جاري رکندي چيو ته احتساب عدالت جي فيصلي ۾ به نواز شريف جي مڪليت جو ّذڪر ناهي ، ان موقعي تي بيبنج پڇو ته نالي واري جي فائندنگ فيصلي ۾ آئي آهي ۽ جڏهن کان نيب جو قا نون آيو آهي ڇا ڪننهنجي اثر هيٺ پلجندڙ ماڻهوءَ کي سزا ڏني وئي آهي؟ ڇا سڀني درخواست ڏيندڙن جو موقف آهي ته جائينداد جي ورهاست ميان شريف ڪئي، ان کان پوءِ پنهنجي پوثن ڏانهن منتقل ڪئي، خواجه حارث جواب ڏنو ته نواز شريف جو موقف آهي ته ان کي خبر ناهي ته فليٽس جو مالڪ ڪير آهي ۽ ان جو ٽرسٽي ڪير آهي، ان باري نه ان ڪڏهن ٻڌو آهي نه ڏٺو آهي، عدالت پڇو ته ڇا اهڙو ڪو دستاويز آهي، جنهن ۾ ثابت ٿئي ٿو ته فليٽس نواز شريف جي ملڪيت آهن ، خواجه حارث جو چوڻ هو ته نيب جو وڪيل،شاهد، واجد ضياءَ يا جاچ ڪندڙ ڪنهن به آفيسر اهڙو ڪوبه دستاويز ناهي پيش ڪيو، ڇا فرد جرم ۾ بي نالي جو ذڪر ڪيو ويو آهي، اتي پٽن جا نالا آهن، نواز شريف جو ناهي، ٽرائل ڪورٽ لکيو آهي ته ٻار والد جي ڪفالت ۾ هونندا آهن،ان ڪري نواز شريف ان جو مالڪ آهي، جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏيندي چيو ته ٻار پنهنجي ڏاڏي جي نگراني ۾ به پلجي سگهن ٿا، ڇا اهڙو ثبوت پيش ڪيو ويو آهي ته ٻار نواز شريف جي اثرهيٺ هئا،ڏاڏي جي نگراني ۾ نه هئا، ان موقعي تي  نواز شريف جي وڪيل چيو ته اهڙو ڪوبه دستاويز يا ثبوت پيش ناهي ڪيو ويو، واجد ضيا پاڻ خود به تسليم ڪري چڪو آهي ته اهڙو ڪوبه دستاويز يا ثبوت پيش ناهي ڪيو ، عدالتي فيليصي ۾ هڪ کان وڌيڪ شيون پهاڪن تي جوڙيل آهن، ان کان پوءِ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي خميس جي مقرر ڪندي نيب کي دليل پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي .

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں