آمريڪا آءِ ايم ايف کان بيل آئوٽ پيڪيچ وٺڻ ۾ مخالف نه ڪندو: فواد چوڌري

0Shares

اسلام آباد(م ڊ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته آمريڪا خاطري ڪرائي آهي ته عالمي مالياتي فنڊ آءِ ايم ايف کان بيل آئوٽ پيڪج  وٺڻ ۾ مخالفت نه ڪندو. پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته گذريل هفتي پاڪستان جو دورو ڪندڙ آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو يقين ڏياريو آهي ته ته آءِ ايم ايف کان بيل آئوٽ  پيڪج تي آمريڪا پاڪستان جي مخالفت نه ڪندو. فواد چوڌري وڌيڪ چيو ته مائيڪ پومپيو طرفان پاڪستان جي دوري بعد تعلقات بهتر ٿيا. هن چيو ته آمريڪي پرڏيهي وزير جي پاڪستان آمد کان اڳ ٻنهي ملڪن جا تعلقات ڪٽيل هئا. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته فوج ۽ حڪومت هڪ پيج تي آهن، ملڪ جو مفاد حڪومت ۽ فوج کي عزيز آهي، وزيراعظم کي آءِ ايس آءِ هيڊ ڪوارٽر ۾ بريفنگ جي دعوت ڏني وئي، هر نئين وزيراعظم کي آءِ ايس آءِ ۾ بريفنگ ڏني ويندي آهي. خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته عمران خان کي اندرين خطرن کي بريفنگ ڏني وئي، فوج پنهنجا نڪتا سامهون رکيا، وزيراعظم چيو ته اڄوڪي دوري کانپوءِ اداري تي اعتماد وڌيو، وزيراعظم ۽ فوج اهو ئي سوچي ٿي ته هٿياربند جٿا ۽ انتهاپسند ختم ٿين، عمران خان جي ڀارت بابت بيان کي فوج جي حمايت حاصل آهي. هن چيو ته ادارا گڏجي رياست ٺاهيندا آهن، آءِ ايس آءِ سان سمورن شعبن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، اسان چين ۽ آمريڪا سان اقتصادي لاڳاپا اڳتي وڌائڻ چاهيون ٿا، سي پيڪ تي ٻين ملڪن کي اعتراض جي ضرورت ناهي، اسد عمر آمريڪي سفير کي چيو ته توهان پنهنجي انويسٽمينٽ آڻيو، سي پيڪ کان نه گهٻرايو، آمريڪا هجي يا چين، جيڪو به پاڪستان اچي، پنهنجي دوري مان مطمئن هوندو آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں