لنڊن/لاهور (بيورو+ مانيٽرنگ ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي گهر واري بيگم ڪلثوم نواز شريف لنڊن ۾ لاڏاڻو ڪري وئي. بيگم ڪلثوم نواز ڪيتري ئي عرصي کان لنڊن جي هارلي اسٽريٽ ڪلينڪ ۾ علاج هيٺ رهي پر سندس صحت ۾ سڌارو نه اچي سگهيو. بيگم ڪلثوم نواز شريف جي ڦڦڙن جو مسئلو سنگين ٿيڻ کانپوءِ کيس هڪ دفعو ٻيهر وينٽي ليٽر تي منتقل ڪيو ويو پر سندس ساهه جو سڳو ٽٽي پيو. نواز شريف جي پٽ حسن نواز پنهنجي امڙ جي لاڏاڻي جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. حسن نواز ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سندن امڙ بيگم ڪلثوم نواز لاڏاڻو ڪري وئي آهي. بيگم ڪلثوم نواز جو مڙس نواز شريف، نياڻي مريم نواز ۽ نياڻو ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر اڊيالا جيل ۾ قيد آهن. ڪيترائي ڀيرا درخواستن باوجود نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪئپٽن صفدر کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت نه ملي سگهي. بيگم ڪلثوم نواز ڪينسر جي بيماري سبب هڪ سال 25 ڏينهن تائين لنڊن ۾ علاج هيٺ رهي، سندس مڙس نواز شريف عدالتن ۾ ڪيسن جي شنوائين دوران ٻه ڀيرا عيادت لاءِ لنڊن ويو هو، نواز شريف ڪلثوم نواز جي عيادت جي سلسلي م لنڊن ۾ موجود هجڻ سبب احتساب عدالت ايون فيلڊ ريفرنس ۾ قيد جي سزا ٻڌائي هئي ۽ هو پنهنجي ڌيءُ مريم نواز سان گڏ گرفتاري ڏيڻ لاءِ پاڪستان آيو ٻئي طرف شريف خاندان طرفان بيگم ڪلثوم نواز جو مڙهه جمع تي ڏيهه آندو ويندو ۽ تياريون مڪمل ڪيون آهن. شريف خاندان پاران چيو ويو آهي ته بيگم ڪلثُم نوازا جي مڙهه کي جمعي تي جاتي امراءُ ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويندو. بيگم ڪلثوم نواز جي لاڏاڻي جي خبر شهباز شريف ۽ ٻين ليگي اڳواڻن اڊيالا جيل پهچي نواز شريف ۽ مريم نواز کي ٻڌائي، بيگم ڪلثوم نواز جو مڙهه لنڊن کان ڏيهه آڻڻ لاءِ تياريون ڪيون ويون آهن مرحرم بيگم ڪلثوم نواز جي عمر 68 سال هئي هن سياست ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪيو.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟