سنڌ هاءِ ڪورٽ 12 مئي سانحي جي تحقيقات لاءِ جي آءِ ٽي جوڙڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

0Shares

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ 12 مئي سانحي جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اقبال ڪلهوڙي ۽ جسٽس ڪي ڪي آغا تي ٻڌل 2 رڪني بينچ 12 مئي سانحي بابت درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي جاچ لاءِ جڊيشل ٽربيونل جوڙڻ جو حڪم ڏنو. سنڌ هاءِ ڪورٽ فيصلي ۾ سنڌ سرڪار کي ٻن هفتن ۾ عملدرآمد ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي جڏهن ته عدالت اي ڪلاس  تحت ختم ڪيل 65 ڪيسن کي پڻ ٻيهر کولڻ جو حڪم ڏنو. 2 رڪني بينچ ، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کان ڪيس جي مانيٽرنگ لاءِ جج به مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي. سنڌ هاءِ ڪورٽ 12 مئي سانحي جي متاثرن کي معاوضي جي ادائگي بابت رپورٽ پڻ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.  ياد رهي ته  سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار 12 مئي سانحي ڪيس کي  اڪلائڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ کي ٽن مهينن جو حڪم ڏنو هو جنهن کان پوءِ عدالت ڌرين جي وڪيلن سميت عدالت سان سهڪار ڪندڙن جا دليل ٻڌڻ کان  پوءِ  فيصلو محفوظ ڪيو هو . هاءِ ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته 12 مئي سانحي ڪيس جو نئين سر جائزو وٺڻ لاءِ جاچ ڪئي وڃي، سنڌ حڪومت جڊيشل ٽربيونل لاءِ چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪري ٻن هفتن ۾ جي آءِ ٽي اڳڀرائي رپورٽ جمع ڪرائي ڪيس جو شروع کان آخر تائين جائزو ورتو وڃي ملوث ماسٽر مائينڊ جي جاچ ڪئي وڃي ٽرائل ڪورٽ مان به اڳڀرائي رپورٽ حاصل ڪئي وڃي جي آءِ ٽي ۽ انڪوائري ٽربيونل رپورٽ بعد حتمي فيصلو ٻڌايو ويندو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں