سپريم ڪورٽ اسحاق ڊار کي ڏيهه واپس آڻڻ لاءِ هڪ هفتي جي مهلت ڏئي ڇڏي

0Shares

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ، اڳوڻي ناڻي واري وزير  اسحاق ڊار  کي ڏيهه واپس آڻڻ لاءِ  هڪ هفتي جي مهلت ڏئي ڇڏي. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ اسحاق ڊار جي وطن واپسي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي . ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل انور منصور سپريم ڪورٽ کي ٻڌايو ته  ناڻي واري اڳوڻي وفاقي وزير اسحاق ڊار کي ڏيهه آڻڻ لاءِ سمورن ڄاڻايل کاتن سان مشاورت جاري آهي.  ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته اسحاق ڊار جي سفارتي پاسپورٽ رد ڪرڻ سان گڏ عام پاسپورٽ پڻ رد ڪيو ويو جڏهن ته نيب جي درخواست تي گهرو وزارت اسحاق ڊار کي بليڪ لسٽ ڪيو آهي. ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته هن وقت اسحاق ڊار وٽ ڪو به سفري دستاويز ناهي جنهن تي چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته پوءِ اسحاق ڊار کي ڪيئن واپس آڻيندا جنهن تي ايڊيشنل اٽارني جنرل  ٻڌايو ته  ڊار کي ڏيهه آڻڻ لاءِ طريقيڪار موجود آهي. چيف جسٽس، اٽارني جنرل انور  منصور کان پڇو ته ڇا توهان ان معاملي کي ڏٺو آهي جنهن تي هن ٻڌايو ته اسحاق ڊار کي ڏيهه آڻڻ لاءِ معاملي تي ڄاڻايل اختيارين سان ڳالهيون ٿيون آهن. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڇا نيب پاران اسحاق ڊار کي روپوش قرار ڏيڻ   بابت توهان کي ڄاڻ آهي، ڇا  هاڻي به رياست  کيس واپس نٿي آڻي سگهي. جسٽس اعجاز الحسن چيو ته برطانيا سان تحويل ۾ ورتل جوابدارن جو  ٺاهه موجود آهي، جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته ان لاءِ اتي جي عدالتن ۾ وڃڻو پوندو. ٻڌڻي دوران  نيب جي پراسيڪيوٽر جنرل عدالت کي ٻڌايو ته اسان اسحاق ڊار جون ملڪيتون  هٿ ڪيون آهن. اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته ناڻي واري اڳوڻي وفاقي وزير اسحاق ڊار  کي ڏيهه آڻڻ لاءِ سمورين اختيارين سان  مشاورت جاري آهي، جنهن تي عدالت ڪيس جي ٻڌڻي هڪ هفتي لاءِ ملتوي ڪندي ڄاڻايل اختيارين کي ڊار جي واپسي لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں