ايشوريا راءِ بهترين اداڪارا وارو آمريڪي ايوارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو

0Shares

 ممبئي(شوبز نيوز)  بالي ووڊ جي ناليواري اداڪاره ايشوريا بهترين ڪارڪردگي تي ميرل اسٽريپ ايوارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي. ڀارتي ميڊيا رپورٽ موجب واشنگٽن ڊي سي ۾ هالي ووڊ جي اداڪاره هيرل اسٽريپ جي نالي سان ڳنڍيل وومين ان فلم اينڊ ٽي وي ايوارڊ جي تقريب ٿي، جنهن ۾ ٽي وي، فلم ۽ ميڊيا جي ٻين شعبن ۾ ڪم ڪندڙ عورتن کي بهترين صلاحتين تي ايوارڊ ڏنا وڃن ٿا، هن ڀيري ميرل اسٽريپ ايوارڊ ايشوريا راءِ پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي. ايشوريا راءِ باصلاحيت اداڪارا جو ايوارڊ پنهنجي ڌيءَ اراده بچن سان گڏ وصول ڪيو ۽ اهي حسين گهڙيون هن پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي شيئر ڪيون، جتي هن چيو ته ڀارت سميت سڄي دنيا ۾ پرستارن پاران حوصلا وڌائڻ تي سندن ٿورائتي آهيان. ٻئي پاسي ايوارڊ جي باني ۽ صدر پٽينا ڊي روز ڪريو جو چوڻ آهي ته عورتن کي ايوارڊ ڏيڻ جو مقصد اهو آهي ته اسان مردن جي دنيا ۾ عورتن کي پنهنجي سڃاڻپ ٺاهي رکڻ جو موقعو ملي سگهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں