پاڪستاني ڄائي نينگري ميگزينن جي ٽائيٽلز جي سونهن بڻجي وئي

0Shares

نيويارڪ( شوبز نيوز )  شوبز جي دنيا ۾ پنهنجو نالو پيدا ڪرڻ لاءِ فنڪارن کي ڪيترائي سال لڳي ويندا آهن پر هڪ چئن ورهين پاڪستاني ڄائي آمريڪي ماڊل مياح دهاناني فيشن ميگزينن تي اهڙا جلوا وکيريا جو سوشل ميڊيا تي هر پاسي سندس ئي چرچا آهن.آمريڪي فيشن مئگزين ۾ جڳهه ٺاهڻ واري پاڪستاني ڄائي چئن سالن واري ماڊل جا چرچا، 4 سالن جي پاڪستاني ڄائي آمريڪي ماڊل مياح دهاناني فيشن ميگزين ۾  جلوا ڏيکاري سوشل ميڊيا تي ڌم مچائي ڇڏي آهي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ آمريڪا سميت دنيا جون وڏيون وڏيون فيشن ميگزينون ان پتڪڙي ماڊل جي فوٽو شوٽ لاءِ لائن لڳل آهي. مياح کڻي ديسي لباس پهري يا منفرد فيشن وارا لباس پهري هو هر اسٽائيل ۾ ئي سٺي لڳندي آهي جنهن ۾ سندس معصوميت چار چنڊ لڳائي ڇڏيندي آهي. هلندڙ سال نيويارڪ ۾ منعقد ٿيل فيشن ويڪ ۾ مياح چلڊرن برين ٽيومر فائونڊيشن جي نمائندگي ڪندي ڪيٽ واڪ پڻ ڪيو جڏهن ته هو ڪيترن ئي مشهور ميگزينن جي ٽائيٽل جي سونهن پڻ بڻجي چڪي آهي. مياح کي انسٽاگرام تي پڻ هن وقت تائين هزارين واهپيدار فالو ڪري چڪا آهن ۽ هوءَ هڪ پتڪڙي سليبريٽي جي حيثيت حاصل ڪري ڪري چڪي آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں