انگلينڊ آخري ٽيسٽ ميچ ۾ ڀارت کي 118 رنسن تان هارائي سيريز 1-4 تان کٽي ورتي

0Shares

لنڊن (ويب ڊيسڪ) انگلش ڪرڪيٽ ٽيم پنجين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ ۾ ڀارت کي 118 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز 1-4 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي. لنڊن ۾ کيڏيل پنجين ٽيسٽ ميچ جي آخري ڏينهن ڀارتي ٽيم 464 رنسن جي ٽارگيٽ پويان ڊڪندي 345 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي. ڀارت طرفان ٻي اننگز ۾ لوڪيش راهول 149 ۽ رشاڀ پنت 114 رنسن جي مزاحمتي اننگز کيڏي پر پنهنجي ٽيم کي شڪست کان نه بچائي سگهيا. ڪپتان ورات ڪوهلي، چتيشور پوجارا، وهاري ۽ محمد شامي کاتو ئي نه کوليو. اجنڪيا رهاني 37، رويندرا جديجا 13، اشانت شرما 5 ۽ شيکر ڌون هڪ رنس ٺاهي. انگلينڊ طرفان جيمز اينڊرسن 3، سيم ڪيوران ۽ عادل رشيد 2-2. جڏهن ته اسٽيورٽ براڊ، معين علي ۽ بين اسٽوڪس هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي. واضح رهي ته انگلينڊ جي ٽيم پهرين اننگز ۾ 332 رنسون ۽ ٻي اننگز 423 رنسن تي ڊڪليئر ڪري ڇڏي هئي، جڏهن ته ڀارتي ٽيم پهرين اننگز

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں