محرم الحرام۾ نفرت جوڳين تقريرون، مقدس هستين تي تنقيد، فرقيوار جهنڊن، بينرن ۽ لائوڊ اسپيڪرس جي غلط استعمال تي پابندي

0Shares

ڪراچي  (چيف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته مختلف مڪتبه فڪر جي عالمن صوبي جي ماڻهن وچ ۾ فرقيوراڻي هم آهنگي پيدا ڪرڻ جي حوالي سان هميشه تعميري ۽ مثبت ڪردار ادا ڪيو آهي انڪري محرم الحرام جي مقدس مهيني دوران ڪنهن به ناخوشگوار واقعي جو رونما ٿيڻ جو ڪو امڪان نه آهي. ان جي باوجود سندس حڪومت ضابطا اخلاق تي عملدرآمد سان گڏ سڪيورٽي جاسخت انتظام ڪيا آهن. هن اها ڳالهه  امن امان ۽ سڪيورٽي انتظامن جي هڪ اعليٰ سطحي جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ صوبائي وزير سعيد غني، ناصر شاهه، وڏي وزير جو صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، چيف سڪيريٽري سنڌ ميجر (ر) اعظم سليمان، وڏي وزير جوپرنسپل سيڪيرٽري سهيل راجپوت، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي ڊاڪٽر امير شيخ، ايڊيشنل آءِ جي اسپيشل برانچ ولي الله دل، صوبائي گهرو سيڪيرٽري قاضي ڪبير، سيڪريٽري بلديات خالد حيدر شاهه، ڪمشنر ڪراچي صالح فاروقي، بذيعا وڊيو ڪانفرنس صوبي جا سمورا ڊي آءِ جيز ۽ ڪمشنرز، ڊپٽي ڪمشنرز ۽ انٽيليجنس ادارن جا سربراهه ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. گهرو سيڪريٽري قاضي ڪبير اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته محرم الحرام جي مهيني دوران امن امان کي برقرار رکڻ لاءِ سڀني مذهبي ۽ ٻين تنظيمن لاءِ ضابطا اخلاق تيار ڪيو ويو آهي. ان تي وڏي وزير ضلعي انتظاميا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هدايت ڪئي ته اهي امن، فرقيوراڻي هم آهنگي کي يقيني بڻايو وڃي. گهرو سيڪريٽري ٻڌايو ته سڀني ڊي آءِ جيز کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي چاليهي تائين شخصيتن کي تمام ضروري سڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي. هن چيو ته سڀني سطحن تي امن ڪميٽي جا اجلاس پڻ گهرايا ويا آهن. اجلاس کي ايڊيشنل آءِ جي امير شيخ برينفگ ڏيندي چيو ته سنڌ ۾ 1996 امام بارگاهون، 14699 مجلسون، 3513 ماتمي جلوس، 786 تعزيتي مجلسون ٿينديون آهن، انهن ۾ 11 تمام حساس آهن، 312 حساس ۽ 463 نارمل آهن. جن لاءِ ڪراچي ۾ 17558، حيدرآباد ۾ 16816، ميرپورخاص ۾ 2237، شهيد بينظير آباد ۾ 9280، سکر ۾ 8253، لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ 15401 اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن. سموري صوبي ۾ 69545 فورس مقرر ڪئي ويندي. هن وڌيڪ وڏي وزير کي ٻڌايو ته محرم الحرام ۾ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ جامع انتظام ڪيا آهن، امن امان جي صورتحال تي نظر رکڻ لاءِ پوليس هيڊ ڪوارٽر ڪراچي ۽ ضلعي، تعلقي هيڊڪوارٽر ۾ ڪنٽرول رومز قائم ڪيا ويندا جيڪي هر وقت اپ ڊيٽ ڪندا رهندا. هن ٻڌايو ته سڀني شهرن ۾ محرم الحرام جي جلوسن جي نگراني سي سي ٽي وي ۽ ڊرون ڪئميرائن ذريعي ڪئي ويندي. انٽيليجنس نيٽورڪ جي دائري کي وڌيڪ پکيڙيو پيو وڃي ۽ سمورن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏ ويجها رابطا ۽ ڀرپور تعاون حاصل آهي. ان سان گڏوگڏ سڄي صوبي ۾ رينجرز جا تقريبن ست هزار اهلڪار پڻ مقرر ڪيا ويندا. پوليس ۽ مختلف قانون لاڳو ڪندڙ ادارن وچ ۾ ويجها رابطا آهن ۽ ان مقصد لاءِ اطلاعت جي بروقت تشهير لاءِ ڪراچي ۾ هڪ ڪنٽرول روم به قائم ڪيو ويو آهي. انٽيليجنس رپورٽس کي شيئر ڪرڻ لاءِ هڪ مڪينزم واضح ڪيو ويو آهي. اسٽيڪ هولڊرس سان گڏيل اجلاس پڻ ٿي رهيا آهن ۽ گڏيل انٽيليجنس جي بنياد تي آپريشن ۽ جوائنٽ فليگ مارچ به منعقد ٿيندو. وڏي وزير ڪمشنر ڪراچي کي هدايت ڪئي ته هُو عام چونڊن دوران پولنگ اسٽيشن جي مانيٽرنگ لاءِ خريد ڪيل سي سي ٽي وي ڪئميرا استعمال ڪيا وڃن. هن چيو ته اسان اهي سي سي ٽي وي ڪئميرا انهن هنڌن تي جتي انهن جي ضرورت آهي استعمال ڪري سگهون ٿا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 8، 9 ۽ 10 محرم  الحرام جي جلوسن 184 سي سي ٽي وي ڪئميرائن ذريعي نگراني ڪئي ويندي. 83 جلوسن جي روٽس جي مختلف هنڌن جي 55 موبائيل ڪئميرائن ۽ 129 فڪسڊ ڪئميرا ذريعي نگراني ڪئي ويندي. سينٽرلائيڊ ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول روم سي پي او ۾ قائم ڪيو ويو آهي ۽ ريجنل ڪمانڊ سينٽر سوڪ سينٽر ۾ قائم ڪيو ويو آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبائي وزير بلديات سعيد غني کي هدايت ڪئي ته هُو لاڳاپيل لوڪل باڊيز کي متحرڪ ڪري ته اهي مجلسن ۽ جلوسن جي روٽس وارن روڊن جي مرمت وارو ڪم، ڪچرو ۽ ٻيو هٽائڻ وارو ڪم فوري طور تي ڪيو وڃي. هن عام صفائي ۽ مين هولز جا ڍڪڻ ۽ فائر ٽينڊز ۽ ڪچرو کڻندڙن برائوز جي دستيابي کي به يقيني بڻايو وڃي. هن ڪي-اليڪٽرڪ، حيسڪو، سيسڪو، ٽيليفون ڪمپنين ۽ ڪيبل آپريٽرز جي سهڪار سان لوز ڪيبلز کي هٽائڻ جي به هدايت ڪئي. ضابطا اخلاق تحت ڪنهن به فرقي يا مقدس هستي تي تنقيد جي اجازت نه هوندي. نفرت انگيز مواد جي خريد ۽ فروخت ۽ ٽيليڪاسٽ ڪرڻ تي پابندي آهي. پوليس ناليوارن مقررن جون تقريرون کي رڪارڊ ڪندي. پبلڪ هنڌن تي سياسي، فرقيوراڻا جهنڊا، بينرز لڳائڻ تي پابندي هوندي. هٿيار کڻڻ پابندي هوندي ۽ مذموم عناصر بشمول شيڊول فور تي سخت نگاهه رکي ويندي ۽ لائوڊ اسپيڪر جي محدود استعمال جي اجازت هوندي. وڏي وزير چيو ته جيڪب آباد ۽ شڪارپور حساس ضلعا آهن انهن جي سڪيورٽي بهتر ٿيڻ گهرجي. جنهن تي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي ٻڌايو ته سنڌ-بلوچستان سرحد تي 16 بارڊر پهريدار آهن. جتي چڪاس وڌائي وئي آهي. وڏي وزير اينٽي اينڪروچمينٽ فورس کي به محرم جي سڪيورٽي لاءِ مقرر ڪرڻ جو حڪم ڪيو. سنڌ جي وڏي وزيرن صوبائي وزير سعيد غني، سيد ناصر شاهه ۽ مرتضيٰ وهاب تي مشتمل هڪ ڪميٽي جوڙي جيڪا ضابطا اخلاق تي عمل درآمد ڪرڻ لاءِ عالمن سان اجلاس منعقد ڪندي. هن چيو ته هُو ذاتي طور تي مختلف مڪتبه فڪر جي عالمن سان ملاقات ڪندو ۽ انهن جي سڪيورٽي لاءِ ڪيل فيصلن تي اعتماد تي وٺندو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں