حڪومت پاران گئس جا اگهه نه وڌائڻ ۽ يوريا ڀاڻ ٻاهران گهرائڻ جو فيصلو، قرضن تي وياج لاءِ امداد وٺڻي پوندي آهي: وزيراعظم

0Shares

اسلام آباد (بيورو) اقتصادي رابطا ڪميٽي فوري طور گئس جا اگهه نه وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.  ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطا ڪميٽيءَ جو اجلاس ٿيو.  اجلاس ۾ فوري طور گئس جا اگهه نه وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.  ذريعن موجب اقتصادي رابطا ڪميٽي قيمتن ۾ اضافي لاءِ گائيڊ لائنز طئي ڪري ڇڏيون آهن پر اگهن ۾ اضافي جو آخري فيصلو وزيراعظم عمران خان ڪندو.  ذريعن موجب ڀاڻ جي فيڪٽرين کي 50 سيڪڙو مقامي گئس ۽ 50 سيڪڙو ايل اين جي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ايل اين جي ڀاڻ جو 50 سيڪڙو بل ڀاڻ ڪمپنيون ادا ڪنديون جڏهن ته 50 سيڪڙو حڪومت ادا ڪندي. ذريعن موجب اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته  سموريون ڀاڻ فيڪٽريون ڀرپور صلاحيت سان ڀاڻ پيدا ڪنديون جڏهن ته ڀاڻ جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ ٻاهران گهرائڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته گئس جي اگهن ۾ اضافو في الحال نه پيو ڪيو وڃي، سبسڊي جو نظام واضح ڪيو ويندو ۽ تبديليون آنديون وينديون، سبسڊي جو معاملو وزيراعظم عمران خان جي سامهون رکيو ويندو. اسلام آباد ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي فواد چوڌري چيو ته ملڪ اندر گئس جي چوريءَ ۾ به اضافو ٿيو آهي، هن وقت ملڪ ۾ گئس جو شعبو تباهه ۽ برباد آهي. هن چيو ته سوئي سدرن ۽ سوئي نادرن کي مسلم ليگ ن جي حڪومت ۾ 156 ارب رپين جو نقصان پهتو آهي، جڏهن ته سلينڊر جي قيمتن ۾ 70 سيڪڙو جو اضافو ٿيو آهي، صوبا ايل اين جي جي قيمت ۾ اضافي خلاف قدم کڻن پر في الحال گئس جي اگهن ۾ اضافو في الحال نه پيو ڪيو وڃي.  سندس چوڻ هو ته اهڙو نظام آڻينداسين جنهن ۾ غريبن کي وڌ کان وڌ فائدو پهچي، آبادگارن جي سهولت لاءِ سبسڊي ڏني ويندي، آبادگارن کي رليف ڏيڻ لاءِ هڪ لک ٽن ڀاڻ ٻاهران گهرايو ويندو، ڪو به اهڙو قدم نه کڻبو جنهن سان آبادگارن کي نقصان پهچي، سبسڊي جو معاملو وزيراعظم عمران خان سامهون رکيو ويندو. وزيراعظم عمران خان 50 لک گهر منصوبي تي ڪيمٽي کي ايندڙ ٻن هفتن ۾ حتمي سفارشون پيش ڪرڻ جي هدايت ڏئي ڇڏي. وزيراعظ عمران خان جي صدارت هيٽ سڄي ملڪ ۾ 50 لک گهرن جي اسڪيم سان لاڳاپيل جائزي بابت اجلاس ٿيو جنهن ۾ وفاقي هائوسنگ سيڪريٽري گهرن جي سالياني  گهرج ۽ هائوسنگ سيڪٽر ۾ قلت تي بريفنگ ڏني جڏهن  ته سيڪريٽري خانگي شعبي کي 50 لک گهر منصوبي ۾ شريڪ ڪرڻ جي قانوني طريقڪار تي پڻ بريف ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته اهڙو منصوبو ٺاهيو جو 50 لک گهر عام ماڻهو جي هر ضرورت پوري ڪري سگهن،  50 لک گهرن جي تعمير پي ٽي آءِ حڪومت جي ايجنڊا جو اهم حصو آهي، حڪومت بي گهر ماڻهن کي گهر ڏيڻ واري وعدو کي پورو ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم جو چوڻ آهي ته 50 لک گهر منصوبي سان لکين بيروزگار ماڻهن کي نوڪريون ملنديون، ان اسڪيم سان هائوسنگ سڪيٽر سان لاڳاپيل صنعتن کي ترقي ملندي. عمران خان وڌيڪ چيو ته سڄي ملڪ ۾ سرڪاري زمين ۽ گيسٽ هائوس مان بهترين مالي وسيلا ملي سگهن ٿا. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته وزيراعظم عمران خان جي ذاتي طور پاڻ گهرن جي تعيمراتي پروگرام جي اونرشپ وٺندو جڏهن ته وزيراعظم ڪميٽي کي ايندڙ ٻن هفتن ۾ حمتي سفارشون پيش ڪرڻ جي هدايت ڏني آهي. ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان کي قرضن تي وياج ادا ڪرڻ لاءِ  عالمي ادارن کان امداد وٺڻي پوندي آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي بيان جاري ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته وفاق، ڪي پي ۽ پنجاب ۾ سرڪاري زمين، رهائشگاهن  جا 90 سيڪڙو انگ اکر مليا آهن، سرڪاري زمين جي ماليت بابت انگ اکر  هوش اڏائيندڙ حد تائين حيران ڪندڙ آهي. هن چيو ته  459، 34 ڪنال سرڪاري زمين ديهي، 035، 17 ڪئنال کان وڌيڪ شهري علائقن ۾ آهي، رڳو شهري زمين تي اڏاوتن جي ماليت 300 ارب رپين کان وڌيڪ آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان کي قرضن تي وياج ادا ڪرڻ لاءِ عالمي ادارن کان امداد وٺڻي پوندي آهي،  پاڪستان جهڙو ملڪ 300 ارب رپيه هڪ هنڌ تي منجمد ڪري سگهي ٿو؟

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں