سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي عمل: اسحاق ڊار کي وطن واپس آڻڻ جو فيصلو

0Shares

اسلام آباد  (بيورو) سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي عمل ڪندي اسحاق ڊار کي وطن واپس آڻڻ جو فيصلو. تفصيل موجب  اڳوڻي خزاني جي وزير اسحاق  ڊار  کي پاڪستان آڻڻ واري معاملي تي ايڊيشنل اٽارني جنرل نير رضوي ۽ ڊائريڪٽر انٽرول ايف آءِ اي طارق ملڪ  جي وچ ۾ اهم ملاقات ٿي جنهن ۾ ڊائريڪٽر ايف آءِ اي  ايڊيشنل اٽارني جنرل کي بريفنگ ڏني. ان اهم ملاقات ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اسحاق ڊار کي هر صورت ۾ واپس آندو ويندو اگر ان معاملي ۾ ڪا به قانوني رڪاوٽ آئي ته ان کي قانون موجب حل ڪيو ويندو. وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي روشني تحت عمل ڪندي گرفتاري عمل ۾ آندي ويندي. ملاقات ۾ ڄاڻايو ويو ته اسحاق ڊار جو ڊپلوميٽڪ پاسپورٽ اڳ ئي ضبط ڪيو ويو آهي جڏهن ته ان جو عام پاسپورٽ به پهرئين بليڪ لسٽ ۾ شامل آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں