فرزانه جمالي کي هراسان ڪرڻ بابت جاچ رپورٽ چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ آڏو پيش

0Shares

ڪراچي(چيف رپورٽر)شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي ۾ شاگردياڻي کي حراسان ڪرڻ وارو معاملو، سيشن جج ۽ ڊي آءِ جي رپورٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي پيش ڪري ڇڏي.سيشن جج شهيد بينظير آباد ، ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد۽ ايس ايس پي پنهنجي رپورٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي موڪلي ڇڏي آهي.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته شاگردياڻي فرزانه جمالي پروفيسر عامر خٽڪ ۽ وي سي جي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي آهي.ڪيس ۾ نامزد جوابدارن ضمانت حاصل ڪري ورتي آهي، ياد رهي ته چيف جسٽس احمد علي ايم شيخ شاگردياڻي فرزانه جمالي کي حراسان ڪرڻ جو نوٽيس ورتو هو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں