دپيڪا پڊوڪون شادي بابت پڇيل سوال تي صحافي تي ڏمرجي پئي

0Shares

نئين دهلي( شوبز نيوز) ناليواري ڀارتي اداڪارا دپيڪا پڊوڪون شادي بابت سوال تي تپي باهه ٿي وئي ۽ صحافي کي ست سريون ٻڌائي ڇڏيون. ڀارتي ميديا جي رپورٽن موجب دپيڪا پڊوڪون ويجهڙائي ۾ دهلي ۾ هڪ تقريب ۾ شرڪت ڪئي جتي هن ٻڌايو ته سندس زندگي ۾ به  هڪ اهڙو دور آيو هو جڏهن هو گهڻو ڊپريشن  ۾ مبتلا ٿي وئي هئي، پر هن پنهنجي اندر ۾ جاري ان جنگ کان شڪست نه کاڌي ۽ آخرڪار ڊپريشن مان ٻاهر نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس. ان موقعي ته صحافي دپيڪا کان سندس ۽ رنوير سنگهه جي شادي بابت سوال ڪيو جنهن تي دپيڪا پڊوڪون کي ڪاوڙ ۾ اچي وئي ۽ هن صحافي کي جواب ڏيندي چيو ته مان ان سوال جو جواب نه ڏينديس ڇاڪاڻ ته ان موقعي تي اهڙو سوال ڪرڻ انتهائي بيوقوفاڻو عمل آهي. واضح رهي ته ميڊيا ۾ خبرون اچي رهيون آهن ته دپيڪا پڊوڪون ۽ رنوير سنگهه نومبر ۾ شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويندا.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں