سونالي باندري جي موت جي افواهن تي سندس مڙس پاران افسوس جو اظهار

0Shares

نئين دهلي( شوبز نيوز ) ڪينسر سان جنگ وڙهندڙ بالي ووڊ ادڪارا سونالي باندري جي موت بابت ڪوڙين خبرن تي سندس مڙس اپيل ڪئي آهي ته سوشل ميڊيا تي واهپيدارن ذميداري جو احساس ڪن. ادڪارا سونالي باندري اڄ ڪلهه ِ آمريڪا ۾ موجود آهي جتي سندس ڪينسر جو علاج ڪيو پيو وڃي. ادڪارا پنهنجي بيماري بابت سوشل ميڊيا ذريعي ئي مداحن کي آگاهه ڪيو هو جنهن تي بالي ووڊ ستارن سميت سندس مداحن ڏک جو اظهار ڪيو هو. ڪجهه ڏينهن اڳ اداڪارا جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي افواهون گردش ڪري رهيون هيون سونالي باندري لاڏاڻو ڪري وئي آهي جنهن تي ڀارتي حڪمران پارٽي جي اسمبلي ميمبر رام قدم سونالي جي جيون ساٿي سان افسوس جو اظهارڪيو هو. بعد ۾ ٽوئيٽ شيئر ڪندي اهو پڻ چيو ته سونالي باندري جي حوالي سان جيڪو ٻن ڏينهن کان ٻڌو هئس اهي افواهه هئا، مان دعا ڪيان ٿو ته خدا کيس سٺي صحت عطا ڪري ۽ هوءَ جلد ٺيڪ ٿي وڃي. ٻئي پاسي سونالي باندري جي مڙس گولڊي بيهل پنهنجي ٽوئيٽر پيغام ۾ سمورن پرستارن کي چيو ته مان درخواست ڪيان ٿو ته سوشل ميڊيا کي ذميداري سان استعمال ڪيو، اسان کي افواهن تي يقين نه ڪرڻ گهرجي ۽ نه ئي وري غيرتصديق شده خبرن کي شيئر ڪرڻ گهرجي، جيڪي ائين ڪن ٿا اهي جذبا مجروح ڪن ٿا. ياد رهي ته سونالي باندري ڪينسر جي اطلاع جولائي ۾ پنهنجي سوشل ميڊيا پيغام ذريعي ڏني هئي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں