بگ باس سيزن 12: سلمان خان هڪ قسط جو معاوضو 14 ڪروڙ رپيا وٺندو

0Shares

ممبئي( شوبز نيوز ) باليووڊ سلطان سلمان خان بگ باس جي ٻارهين سيزن جي هڪ قسط جو 14 ڪروڙ رپيا معاوضو وٺندو. بالي ووڊ جو سلوميان گذريل 9 ورهين کان مشهور ٽي وي پروگرام ”بگ باس“ جي ميزباني ڪري رهيو آهي، شو جي وڌندڙ مقبوليت سبب سلمان خان پنهنجو معاوضي ۾ هر سال واڌ ڪندو رهندو آهي. بگ باس جي گذريل سيزن ۾ سلمان خان هڪ قسط جا ڪروڙ رپيا ورتا هئا ۽ هن ڀيري هڪ قسط جو معاوضو 14 ڪروڙ رپيا وٺندو. ان سيزن ۾ سلمان خان 13 قسطن ۾ نظر ايندو ۽ اهڙي طرح هو گڏيل طور تي 300 ڪروڙ 64 لک معاوضو وٺندو. اهو ڪنهن به اداڪار طرفان ٽيلي ويزن تي سڀ کان وڌيڪ حاصل ٿيندڙ  معاوضو آهي. ميڊيا جي رپورٽن موجب سلمان خان شو انتظاميا کان هڪ قسط جو معاضو 19 ڪروڙ رپيا طلب ڪيو هو پر شو جي ڪرندڙ ريٽنگ سبب انتظاميا کيس 19 ڪروڙ بجاءِ 14 ڪروڙن تي راضي ڪيو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں