عارف علوي ملڪ جو 13 هون صدر بڻجي ويو، عهدي جو حلف کڻي ورتو، گارڊ آف آنر پيش

اسلام آباد(بيورو) نئين چونڊيل صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ جي 13 هين صدر جي حيثيت ۾ قسم کڻي ورتو. چيف جسٽس ثاقب نثار ڊاڪٽر عارف علوي کان عهدي جو قسم ورتو. قسم کڻڻ جي تقريب ايوان صدر ۾ منقعد ڪئي وئي جڏهن ته مهمانن کي رڳو چانهه ۽ بسڪيٽ پيش ڪيا ويا. قسم کڻڻ جي تقريب ۾ وزيراعظم عمران خان، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سميت اعليٰ سياسي ۽ فوجي اختيارينشرڪت ڪئي جڏهن ته پرڏيهي سفيرن کي به شرڪت جي دعوت ڏني وئي. ڊاڪٽر عارف علوي جو شمار تحريڪ انصاف جي باني ميمبرن ۾ ٿئي ٿو. ڊاڪٽر عارف علوي 29 جولاءِ 1949 تي پيدا ٿيو ۽ هو پيشي جي لحاظ کان ڊينٽسٽ آهي. پاڪستان ڊينٽل ڪائونسل ۽ ايشيا پيسيفڪ ڊينٽل فيڊريشن جو صدر به رهيو آهي.  صدر ممنون حسين پنهنجي عهدي جو مدو پورو ٿيڻ بعد ايوان صدر مان رخصت ٿي ويو. صدر ممنون حسين کي پاڪ فوج جي جٿي الوداعي گارڊ آف آنر پيش ڪري رخصت ڪيو. نئون صدر عارف علوي حلف کڻڻ بعد پنهنجو عهدو پڻ سنڀالي ورتو ايوان صدر پهچڻ تي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو عارف علوي ايوان صدر جي عملي آفيسرن ۽ اهلڪارن سان پڻ مليو هن 1996ع ۾ تحريڪ انصاف ۾ شموليت ڪئي ۽ 2013ع ۾ ڪراچي مان 205 واري تڪ تي ڪاميابي هاڻي پارليامينٽ ميمبر بڻيو.

اپنا تبصرہ بھیجیں