آمريڪي سينيٽرن پاڪستان جي امداد روڪڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي

واشنگن (م ڊ) آمريڪي سينٽر ڪوري بڪر چيو آهي ته پاڪستان خطي ۾ دهشتگردي خلاف اهم ڀائيوار آهي. آمريڪي سينيٽرن واشنگٽن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته  پاڪستان جو ڪوليشن فنڊ روڪڻ افسوس جوڳو عمل آهي، پاڪستان خطي ۾ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اهم ڀائيوار آهي. هن چيو ته ٽرمپ انتظاميه جيڪو ڪجهه ڪري پئي اهو تڪليف ڏيندڙ آهي، ٽرمپ انتظاميه وٽ پاليسي ۽ حڪمت عملي جي کوٽ آهي. سندس چوڻ هو ته عمران خان اهڙو ليڊر آهي جنهن سان گڏجي ڪم ڪري سگهجي ٿو. آمريڪي ڪانگريس جي ميمبر شيلا جيڪسن چيو ته پاڪستان کي پاڻ سان گڏائي هلڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان جو اتحادي سپورٽ فنڊ روڪڻ تي هرگز خوش نه آهيون. ليفٽيننٽ ڪرنل ڪوني فالڪنز چيو ته ڪانگريس پاڪستان کي ڪوليشن سپورٽ فنڊ جا 50 ڪروڙ ڊالر هلندڙ سال جي شروعات ۾ به روڪي ڇڏيا هئا جنهن بعد هن وقت تائين روڪيل رقم 80 ڪروڙ ڊالر ٿي ويندي.

اپنا تبصرہ بھیجیں