نوابشاھ جي فرزانه جمالي کي انصاف نه مليو، وارثن پاران سپريم ڪورٽ ۾ وڃڻ جو فيصلو

0Shares

 نوابشاهه(ڊ ر)شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي شاگردياڻي فرزانه جمالي  جنسي حراسمينٽ معامرو، شاگردياڻي کي انصاف نه مليو سگهيو، شاگردياڻين جي وارثن پاران سپريم ڪورٽ ۾ وڃڻ جو فيصلو، 12 سيپٽمبر تي  هڙتال جي سلسلي ۾ سياسي ۽ سماجي ڌرين جا رابط تيز، خبر موجب شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي  جي انگريزي ڊپارٽيمنٽجي شاگردياڻي فرزانه جمالي کي انصاف ملي نه سگهيو هوڏانهن شاگردياڻي جي چاچي اقبال جمالي ٻڌايو ته اسان کي عدالتن مان ئي انصاف  جي اميد آهي ۽اڄ اسان پنهنجي برداري جو ڪٺ طلب ڪيو آهي ان ۾ فيصلو ڪيو ويندو ته انصاف ڪيئڻ وٺجي هن چيو ته اسان وي سي ارشد سليم خلاف سپريم ڪورٽ ۾ وڃي رهيا آهيون ۽ ڪنهن به صورت ۾ اسان پوئتي نه ٿينداسين هن چيوته ناانصافي به اسان سان ٿئي آهي ۽ ڪوڙو به اسان کي ڪيو پيو وڃي هوڏانهن ايس يو پي اڳواڻ سيد زين شاهه پڻ نوابشاهه پهچي فرزانه جمالي سان ملاقات ڪري وارثن کي يقين ڏياريو ته 12 سيپٽمبر تي نوابشاهه ۾ آل پارتيز ڪانفرنس پاران اعلانيل مظاهرو ڪيو ويندو ۽ ان ۾ ضلع جي ماڻهن کي  اپيل ڪبي ته هو مظاهري ۾ شريڪ ٿين هن وارثن کي يقين ڏياريون ته اسان توهان سان گڏ آهيون  هوڏانهن فرزانه جمالي واري واقعي کانپو۽ شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي ۾ فيميل شاگردياڻين جي حاضري گهٽ ٿئي ويئي آهي ۽ ڪافي والدين پنهنجي نياڻين کي يونيورسٽي  مان ڪڍرائڻ تي سوچي رهيا آهن جڏهن ته نوابشاهه جون سياسي ۽ بااثر ڌريون وي سي ارشد سليم ۽ پروفيسر عامر خٽڪ کي بچائڻ لا۽ ننهن  چوٽي جو زور لڳائي رهيا آهن ٻئي طرف پ پ شهيد ڀٽو سنڌ ڪائونسل جي ميمبرن نثار وسطڙو، اعجاز مهيسر، اين پ پ اڳواڻ ڪامريڊ علي جان رند، پي ٽي آئي اڳواڻ حاجي بچل جمالي پنهنجي ڌار ڌار بيانن ۾ فرزانه جمالي معاملي تي صوبائي وزير صحت عذرا پيچوهو جي بيان جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته وزير اعليٰ جي جوڙيل جانچ ڪميٽي جي رپورٽ وڏي وزير کي ملڻ کان پهريان عذرا پيچوهو وٽ ڪيئن پهتي جو هو ميڊيا آڏو بيان ۾ چوي ٿي ته انڪوائري رپورٽ ۾ وي سي ارشد سليم ۽ عامر خٽڪ بي ڏوهي ثابت ٿيا آهن وڏو وزير بااختيار آهي ته پوءِ پنهنجي ڪابينا جي وزير عذرا پيچوهو کي فوري طور تي ڪابينا کان الڳ ڪري نه ته سنڌ جو عوام اهو سمجهڻ ۾ حق بجانب هوندو ته مراد علي شاهه جي حيثيت شوپيس کان وڌيڪ ڪجهه به نه آهي سنڌ ۾ حڪمراني جا اصل اختيار زرداري جي شاهي خاندان وٽ يرغمال بڻيل آهن.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں