ڪنري ويجهو ننڍي عمر ۾ نڪاح تي پوليس جو ڇاپو، گهوٽ ڪنوار گرفتار، مولوي فرار

ڪنري(ن هه ) ڪنري ويجهو ننڍي عمر ۾ شادي ڪرڻ جي فرياد تي پوليس جي ڪاروئي، گهوٽ ڪنوار گرفتار، مولوي فرار، گهوٽ ڪنوار عدالت ۾ پيش بيان بعد ناري ماءُ حوالي گهوٽ جي ضمانت منظور، آزاد، پيءُ جي فرياد تي پوليس ڪاروائي ڪئي تفصيل موجب ڪنري ويجهو ڳوٺ پير بخش ڪپري ۾ ڪنري پوليس ڪنري پوليس ناري جي پيءُ عبدالخالق ڪپري جي فرياد تي ڇاپو هڻي ننڍي عمر ۾ شادي ڪندڙ جوڙي ڪنوار ساجده ولد عبدالخالق ڪپري ۽ گهوٽ فدا ڪپري کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي وٺي آئي جتي صحافين سان ڳالهائيندي ڪنوار ساجده ٻڌايو تہ منهجو پيءُ اسان کي والده سميت 6 سال اڳ ڇڏي چڪو آھي اسان پنهنجي ماءُ نيامت سان گڏ پنهنجي مامن وٽ رهندا آھيون اسان جي ماءُ اسان کي ساري سنڀالي وڏو ڪيو آھي آءُ هن وقت 19 سالن جي آھيان منهنجو پي مونکي الياس نالي شخص وٽ وڪڻڻ چاهي ٿو ٻئي طرف ناري جي ماءُ نيامت جو چوڻ ھو تہ منهنجو مڙس مونکي 6 سال اڳ ڇڏي چڪو آھي ۽ هن منهنجي ڀيڻ کي بغير نڪاح جي گهر ۾ ويهاري ڇڏيو آھي هيئنر هو اسان جي ڪاڄ تي پوليس وٺي آيو آھي هو اڄ بہ راڄوڻي اچي ۽ اسان کي گهر وٺي وڃي تہ ساڻس وڃڻ لاءِ تيار آھيون جڏهن ته ڪنوار جي ڏاڏي رحيمان جو چوڻ هو تہ منهنجو پٽ عبدالخالق غلط ڪري رهيو آھي هن تمام غلط عمل ڪيو آھي ڪنري ٿاڻي تي عبدالخالق جي فرياد تي گهوٽ ڪنوار سميت حسين سارنگ، بلاول، حيات، داد محمد ۽ نامعلوم مولوي تي ڪيس داخل ٿيل آھي، جيڪو ھڪ ڏينھن داخل ڪيو ويو، پوليس پاران گرفتار ڪيل گهوٽ ڪنوار کي سول عدالت ڪنري ۾ پيش ڪيو ويو جتي عدالت بيان بعد ناري کي ماءُ حوالي ڪيو جڏهن تہ گهوٽ فدا کي ضمانت تي آزاد ڪري ڇڏيو.

اپنا تبصرہ بھیجیں