چنداخور حڪومت ۾ ايندي ئي پنهنجي ڌانڌلي ۾ لڳي ويو آهي: خواجا سعد رفيق

0Shares

لاهور (بيورو) مسلم ليگ ن اڳواڻ خواجه سعد رفيق وزيراعظم عمران خان پاران نون ڊيمن جي اڏاوت لاءِ فنڊن جي اپيل تي ڇتي تنقيد ڪئي آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي پنهنجي بيان ۾ خواجه سعد رفيق چيو ته ڪشتو ٽوڙڻ جيدعويدار چندي خور حڪمران ايندي ئي پنهنجي ڌنڌلي ۾ لڳي ويو آهي، آمدني وڌائڻ بدران هر شعبي ۾ اثاثا وڪرو ڪندڙ ۽ چندو گڏ ڪرڻ جا منصوبا ٺهي رهيا آهن.  مسلم ليگ ن اڳواڻ مطالبو ڪيو ته نون ڊيمن جي اڏاوت لاءِ وڏي دعويٰ ڪندڙ ڪي پي ۾ 350 گهوسٽ ڊيمن جي نشاندهي ڪن. هن سوال ڪيو ته عمران خان جي حڪومت پاران ٺاهيل 350  ڊيم ڪي پي ۾ ڪٿي آهن.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں