ڪراچي ۾ سمورن ٿاڻن جي آءِ ايس اوز کي بااختيار بڻائڻ جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي پوليس جي سربراهه ڊاڪٽر امير شيخ جي سربراهي ۾ اجلاس، پوليس ۾ انقلابي تبديلي جو اعلان، اجلاس ۾ سمورن ڊي آءِ جيز، ايس ايس پيز ۽ ٻين اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي، پوليس چيف پاران سمورن ٿاڻن جي آءِ ايس اوز کي با اختيار بڻائڻ لاءِ قدم کڻڻجو اعلان، ڪراچي پوليس چيف امير شيخ  هر ٿاڻي تي جاچ شعبي لاءِ ڪمپيوٽر، پرنٽر ۽ فوٽو اسٽيٽ مشين فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو، هن چيو ته جاچ آفيسر کي ٻه موٽر سائيڪلون ۽ ٻيون سهولتون فوري طور فراهم ڪيون وينديون، ڊاڪٽر امير شيخ  اي ايس آءِ، هيڊ ڪانسٽيبل ۽ ڪانسٽيبل تي ٻڌل جاچ يونٽ بڻائڻ جي هدايت ڪئي، هن چيو ته  جاچ آفيسر کي هڪ مهيني ۾ 3 کان 4 ڪيس ڏنا ويندا،  ٿاڻن جا لاڪ اپ ۽ مال خانو آءِ ايس اوز جي ماتحت ڪيا ويا آهن، جاچ هيٺ ايندڙ جوابدارن جو ذميوار جاچ آفيسر هوندو، جاچ شعبي جو ڊيوٽي آفيسر ۽ منشي به 24 ڪلاڪ موجود هوندا، جاچ شعبي جي عملي کي مناسب جڳهه ۽ بهترين فرنيچر فراهم ڪيو ويندو، ٽن مهينن ۾ هر ضلعي سطحي تي عالمي معيار موجب انٽروگيشن روم قائم ڪيو ويندو، ڇاپا مار ڪارروائين لاءِ هر ٿاڻي مان 8 کان 10 اهلڪارن تي ٻڌل ريڊ پارٽي هوندي: ڪراچي پوليس چيف چيو ته جاچ شعبي کي مضبوط ۽ جديد گهرجن موجب بڻايو ويندو: پوليس چيف چيو ته ڏوهارين سان مليل ڪجهه ڪاري رڍن کي سڌرڻ جو موقعو ڏنو آهي، پاڻي هاڻي مٿي تان گذري چڪو آهي، جيڪڏهن ڏوهارين سان مليل اهلڪار نه سڌريا ته انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، پوليس ۾ آپريشن ۽ انويسٽيگيشن هڪ يونٽ آهي، هڪ ٻئي کي ڪامياب ڪنداسين، ڪنهن جي چوڻ تي جاچ خراب ڪندڙن کي وارننگ ڏيان ٿو،

اپنا تبصرہ بھیجیں