ڪابل (م ڊ) افغانستان جي صوبي بغلان ۾ طالبان ويڙهاڪن سيڪيورٽي فورسز جي چوڪين تي حملو ڪري 30 اهلڪارن کي قتل ڪري ڇڏيو.عالمي خابرو اداري موجب درجنين طالبان ويڙهاڪن افغانستان جي صوبي بغلان ۾ فوجي ۽ پوليس چوڪين تي حملو ڪري ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ 30 افغان سيڪيورٽي اهلڪار مارجي ويا. افغان سيڪيورٽي اختيارين جو چوڻ آهي ته گذريل رات طالبان ويڙهاڪن بغلان صوبي جي 5 آرمي ۽ 8 پوليس چوڪين تي قبضو ڪري ورتو آهي ۽ عام شهرين کي به نشانو بڻايو جڏهن ته سيڪيورٽي اهلڪان جي مارجڻ جي حوالي سان سرڪاري سطح تي تصديق نه ڪئي وئي آهي. هوڏانهن افغان صوبي بادغيس پوليس جي ترجمان نقيب الله اميني دعويٰ ڪئي آهي ته ابڪماري ضلعي ۾ سيڪيورٽي فورسز سان جهڙپ ۾ طالبان ڪمانڊر مولوي نذير پنهنجي 11 ويڙهاڪن سان گڏ مارجي ويو آهي. ٻئي طرف ڪابل ۾ خودڪش ڌماڪي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ 14 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن، خودڪش ڌماڪو موٽرسائيڪل سوار شخص افغان ليڊر احمد شاهه مسعود جي 17 هين ورسي ۾ شرڪت لاءِ ويندڙ قافلي تي ڪيو. ٻئي طرف پاڪستان افغان گادي واري هنڌ ڪابل ۾ ٿيندڙ دهشتگرداڻي حملي جي مذمت ڪندي جاني نقصان تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي.پرڏيهي وزارت جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل هڪ بيان ۾ آچر تي ٿيندڙ ڪابل حملي ۾ مارجي ويل ماڻهن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ۽ زخمين سان همدردي جو اظهار ڪيو آهي. ترجمان چيو آهي ته ڏک جي هن گهڙي ۾ اسان جون همدرديون متاثر خاندانن سان گڏ آهن، اسان حملي ۾زخمي ٿيندڙ ماڻهن جي جلد صحتيابي لاءِ دعاگو آهيون. ترجمان وڌيڪ چيو ته اسان دهشتگردي جي هر قسم جي مذمت ڪريون ٿا، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ افغان حڪومت ۽ عوام سان گڏ بيٺل آهيون. ياد رهي ته ڪابل ۾ ٿيندڙ خودڪش حملي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 7 ڄڻا مارجي ويا ۽ 25 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا هئا.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟