ڊيم پاڪستان جي بقا لاءِ اڻٽر آهن، رٽائرمينٽ کانپوءِ ان تي پهرو ڏيندس: چيف جسٽس

0Shares

لاهور (بيورو) چيف جسٽس آف پاڪستان ميان ثاقب نثار وزيراعظم عمران خان کي پاڻي بابت بيان کي فائديمند قرار ڏندي چيو ته ڊيم پاڪستان جي بقا لاءِ اڻٽر آهن اسان سڀني کي وڌ ۾ وڌ ڊيمز فنڊ ۾ حصو وٺڻ گهرجي رٽائرمينٽ کان پوءِ ڊيم تي پهرو ڏيندس ۽ جيڪڏهن ڊيم تي جهوپڙي اڏي رهڻو پيو ته رهندس. جلد سپريم ڪورٽ پاران پاڻي تي انٽرنيشنل ڪانفرنس ڪرائي ويندي پاڪستان تي اربين ڊالرز جو قرض آهي هر ڄمندڙ ٻار هڪ لک 17 هزار رپين جو قرضي هوندو آهي ملڪ تان قرض ختم نه ٿيندو ته تاريخ اسان کي معاف نه ڪندي اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن تاجرن جي وفد کي خطاب ۽ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو چيف جسٽس ميان ثاقب نثار چيو ته وزيراعظم جيڪڏهن اسان سان مشاورت ڪري ها ته کيس پاڻي جي کوٽ بابت ڪيتريون ئي حقيقتون ٻڌائي ڇڏيون ها عمران خان وزيراعظم فنڊ کي سپريم ڪورٽ فنڊ ۾ ضم ڪرڻ جو فيصلو اسان جي اجازت سان ڪيو چيف جسٽس ثاقب نٿار چيو ته جلد سپريم ڪورٽ پاران پاڻي تي انٽرنيشنل ڪانفرنس ڪرائي ويندي. هن ٻڌايو ته مون وٽ هن کان اڳ اخوت فائونڊيسن جا ماڻهو ڊاڪٽر امجد ثاقب جي اڳواڻي ۾ آيا هئا اهي ٻڌائي رهيا هئا تهماڻهن کي ننڍا ننڍا ڪم ڪرڻ لاءِ قرض ڏنا وڃن ٿا ڪنهن کي ريڙهو هلائڻ لاءِ 20 هزار رپيا ڏنا وڃن ٿا ته ڪنهن کي مشين لاءِ 10 هزار رپيا ڏنا وڃن ٿا انهن ماڻهن جن خود ان وقت قرض ورتوآيه انهن ماڻهن به ڊيم لاءِ فنڊ ڏنا اهن ۽ اهي اڄ اسان کي 10 لک رپين جو چيڪ ڏيئي هليا ويا چيف جسٽس چيو ته اسان کي سڀني کي گڏجي پوري قوم کي گڏجي ڊيم لاءِ فنڊ جمع ڪرائڻو آهي ڇو ته هي پاڪستان لاءِ اڻٽر آهي منهنجي خيال ۾ اسان کي ان لاءِ ڪنهن ڏانهن نه ڏسڻ گهرجي اڄ اهو وقت آهي ته اسان کي پي بيڪ ڪرڻو آهي ته جيڪو اسانکي هن ملڪ ڏنو آهي جيڪو قدم سپريم ڪورٽ کنيو هيو پوري قوم جو آواز بڻجي چڪو آهي مان ڪراچي ۾ هڪ جيمخاني ۾ ماني کائڻ لاءِ هليو ويس ته اتي هڪ ڇوڪرڙي مون کي ڏسي ورتو ۽ اها پنهنجي ماءُ سان ضد ڪرڻ لڳي ته مان ڊيم لاءِ ڪجهه ڏيڻ چاهيان ٿي ته ان ٻارڙي جي ماءُ پنج هزار رپيا ڏنا ۽ ٻارڙي ڊڪندي مون وٽ آئي اسان کي پنهنجي ايندڙنسلن لاءِ ڪجهه ڪرڻو آهي چيف جسٽس چيو ته اسان سڀ ماڻهو پنهنجو وقت گذاري چڪا آهيون مان پنهنجو وقت گذاري چڪو آهيان مون کي هن ملڪ گهڻو ڪجهه ڏنو آهي هي ملڪ نه هجي ها ته مان ڪنهن بئنڪ ۾ مئنيجر هجان ها ۽ جيڪا مون کي عزت ۽ احترام مليو آهي هن ملڪ ڏنو آهي. ان موقعي تي تاجرن جي وفد چيف جسٽس کي 10 ڪروڙ رپين جو چيڪ ڏنو واضح رهي ته چيف جسٽس 17 جنوري 2019 تي پاڪستان جي چيف جسٽس جي عهدي تان رٽائرڊ ٿي رهيو آهي. اسان ايندڙ نسلن  کي هڪ اهڙوملڪ نٿا ڏيڻ چاهيون ٿاجتي پاڻي نه هجي ۽ اسان پنهنجي ايندڙ نسلن کي مقروض ڇڏڻ نٿا چاهيون  فاضل چيف جسٽس چيوته اوورسيز پاڪستاني ملڪ سان محبت ڪن ٿا ۽ اميد آهي ته وزيراعظم جي اپيل تي اوور سيز پاڪستاني  دل کولي ڪري عطيوڏينداپراسان کي به انهن جو خيال رکڻو پوندوانهن جي پراپرٽي تي قبضه ٿي رهياآهن اسان کي به سوچڻو پوندو اسان کي اوورسيز پاڪستاني کي ڇا ڏئي رهياآهيون.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں