پاڪ- چين وچ ۾ سي پيڪ سميت هر شعبي ۾ گڏيل سهڪار تي اتفاق، پاڪستان جي حمايت جاري رکنداسين: چيني پرڏيهي وزير

0Shares

اسلام آباد (بيورو) چيني پرڏيهي وزير وانگ زي چيو آهي ته پاڪستان چين جو بهترين ۽ اعتماد جوڳو دوست آهي، پاڪستان جا مسئلا گڏجي حل ڪري وٺنداسين، هر شعبي ۾ڀرپور سهڪار جاري رکيو ويندو، پاڪ چين دوستي لازوال آهي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان پريس ڪانفرنس ڪندي چيني پرڏيهي وزير وانگ زي چيو ته پاڪستان جي دوري جو مقصد نئين حڪومت سان رابطا وڌائڻ آهي. هن چيو ته چين پنهنجيپرڏيهي پاليسي ۾ پاڪستان کي نهايت اهميت ڏئي ٿو، وزيراعظم عمران خان کي نومبر ۾ چين جي دوري جي دعوت ڏني آهي، جڏهن ته پاڪستان چين جي صدر ۽ وزيراعظم کي دوري جي دعوت ڏني آهي.  هن چيو ته شاهه محمود قريشي سان ملاقات هاڪاري رهي، پاڪستان سان لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ڪرڻ چاهيون ٿا جنهن لاءِ پاڪستان سان هر شعبي ۾ سهڪار جاري رکيو ويندو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان ڀرپور جنگ وڙهي، دهشتگردي  خلاف جنگ ۾ پاڪستان سان سهڪار جاري رکنداسين، ٻنهي ملڪن ۾  سهڪار سان بيروزگاري گهٽ ٿيندي، عوامي رابطن ۽ دورن سان مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌندو، افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ ٻئي ملڪ گڏجي ڪم ڪندا. ٻئي طرف شاهه محمود قريشي چيو ته  وانگ زي پاڪستان جو پراڻو دوست آهي، هميشه پاڪستان جي حمايت ڪئي،  پاڪ چين دوستي کي عوامي ۽ حڪومتي سطح تي ڀرپور حمايت حاصل آهي. هن چيو ته چيني پرڏيهي وزير نومبر ۾ وزيراعظم کي چين جي دوري جي دعوت ڏني آهي، اسان به چيني صدر ۽ وزيراعظم کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني آهي جڏهن ته چيني پرڏيهي وزير، صدر، وزيراعظم ۽ آرمي چيف سان به ملاقات ڪنداسين، پاڪ چين دوستي کي عالمي سطح تي به حمايت حاصل آهي، پاڪستان چين سان گڏجي عالمي فورمن تي ڪم ڪندو رهندو. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪ چين دوستي لازوال آهي،  چيني قيادت پاران چونڊن ۾ ڪاميابي تي مبارڪباد ڏيڻ تي ٿورا مڃون ٿا. هن چيو ته چين دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سهڪار جي خاطري ڪرائي آهي. چين پاڪستان جي معيشت کي سگهارو ڪرڻ لاءِ حمايت جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان سان گڏيل واپار جي حجم ۾ وڌيڪ اضافو ڪرڻ چاهيون ٿا پاڪستان سان هر شعبي ۾ مڪمل سهڪار ڪندا رهنداسين پاڪستان دهشتگردي خلاف بيمثال قربانيون ڏنيون آهن چين دهشتگردي جي خلاف پاڪستان جي ڪوششن جي مڪمل حمايت ڪري ٿو عالمي معاملن تي به پاڪستان جي مڪمل حمايت ڪندا رهنداسين ٻنهي ملڪن وچ ۾ دفاعي تعاون وڌائينداسين جڏهن ته پاڪستان واضح ڪيو آهي ته چيني شهرين جوتحفظ ۽ سي پيڪ جي سلامتي حڪومت جي پهرين ترجيحي آهي پاڪستان پنهنجي سرزمين ڪنهن جي خلاف دهشتگردي لاءِ استعمال نه ٿيڻ ڏيندو سي پيڪ منصوبو چيني صدر جي ون بيلٽ، ون روڊ ويزن جو عڪاس آهي پاڪستان چين سان عالمي فورمز تي به گڏجي ڪم ڪندو رهندو پي ٽي آءِ ايم جي خلاف چيني موقف جي پاڪستان حمايت ڪري ٿو ڇنڇر تي پاڪستان جي ٽن ڏينهن جي دوري تي آيل چيني پرڏيهي وزير وانگ زي پاران پرڏيهي آفيس اچڻ تي شاهمحمود قريشي سندس شاندار استقبال ڪيو جنهن کان پوءِ شاهه محمود قريشي ۽ وانگ زي وچ ۾ ملاقات ٿي ملاقات کان پوءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون ٿيون جنهن ۾ شاهه محمود قريشي پاڪستاني ۽ وانگ زي چيني وفد جي قيادت ڪئي وفد جي سطح تي ڳالهين ۾ گڏيل دلچسپي جي سمورن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ پاڪ چين اقتصادي راهداري، معاشي تعاون ثقافتي ۽ تعليمي ڏي وٺ ۽ خطي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويئي ڳالهين ۾ اسٽريٽجڪ سهڪار تي ٻڌل حصيداري کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو عزم ڪيو ويو چيني قيادت پاران عام چونڊن ۾ پي ٽي آءِ جي ڪامياب ٿيڻ تي مبارڪون ڏنيون ويون ان موقعي تي شاهه محمود قريشي چيو ته اسان کي پاڪ چين دوستي تي ناز آهي جيڪا هر ڏکئي وقت تي پوري لٿي آهي هن چين کي سي پيڪ لاءِ پاڪستان جي عزم جي خاطري ڪرائيندي چيو ته سي پيڪ موجوده حڪومتجي پهرين ترجيحي آهي منصوبو پاڪستان جي سماجي ۽ معاشي ترقي لاءِ هم آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي چيني پرڏيني وزير چيو ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي لازوال آهي شاهه محمود قريشي سان ملاقات هاڪاري رهي هن چيو ته چين جي پرڏيهي پاليسي ۾ پاڪستان اهميت وارو آهي پاڪستان سان گڏيل تجارتي حجم ۾ وڌيڪ اضافو ڪرڻ چ اهيون ٿا چيني پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان سان هر شعبي ۾ تعاون جاري رکنداسين.وانگزي پاڪستان سان دفاعي تعاون وڌائڻ جو اعلان ڪندي چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي خلاف گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن چين دهشتگردي خلاف پاڪستان جي ڪوششن جي مڪمل حمايت ڪري ٿو جڏهن ته عالمي معاملن تي به پاڪستان جي مڪمل حمايت ڪندا رهنداسين.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں