سڪرنڊ ڀرسان ڪارنهن تڪرار تان هٿياربندن جو حملو، فائرنگ، چاچو ڀائٽيو قتل

0Shares

سڪرنڊ (ن هه )  سڪرنڊ ٿاڻي جي حد ڳوٺ ستپڙي ۾ اڻڄاتل هٿياربندن ٻن موٽرسائيڪل سوارن ٻن ڄڻن دلدار چانڊيو ۽ الطاف چانڊيو کي سڌيون گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. ٻئي مقتول سيشن ڪورٽ نوابشاھ مان عدالتي حاضري ڀري واپس ڳوٺ اچي رهيا هئا ته واقعو پيش آيو، جڏهن ته ڳوٺاڻن پاران پوليس ۽ وارثن کي اطلاع ڪيو ويو، جنهن بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تعلقي اسپتال سڪرنڊ آندا، جتان ضروري ڪاغذي ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا. لاش وارثن سان گڏ ايم پي اي جي ڀاءَ رئيس غلام حسين چانڊيو ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر غلام حيدر چانڊيو وصول ڪيا.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں