سنڌ جي صحت واري وزير فرزانا کي ڪوڙي قرار ڏيئي ڇڏيو، شٽر بند هڙتال جو اعلان

نوابشاھ /  گمبٽ  (نمائندن وٽان) صحت جي صوبائي وزير ، وي سي ارشد سليم آرائين کي بچائڻ ۾ ميدان ۾ اچي ويئي ، شاگردياڻي کي ڪوڙو قرار ڏيئي ڇڏيو، گمبٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عذرا پيچوهو چيو ته فرزانه معاملو ڪوڙو ڊرامو آهي، مون پاڻ جاچ ڪئي آهي، فرزانه جي غير حاضر رهڻ تي وي سي ڇنڊ  پٽي هن والد کي غلط بياني ڪئي، جنهن کان پوءِ مٿن حملو ڪيو ويو، جنهن سبب سندس والد مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو. عذرهه فضل جي بيان کانپو۽ شاگردياڻي  جي وارثن پاران پ پ پ  ڇڏڻ جو اعلان سنڌ حڪومت تي انڪوائريز تي عدم اعتماد جو اظهار، جسقم عورت اڳواڻ ناياب سرڪش شاگردياڻي فرزانه جمالي وٽ همدردي طور پهچي ويئي ، شاگردياڻي جي طبيعت بدستور خراب،  وي سي کي بچائڻ لا۽ بااثر ڌريون ميدان ۾ اچي ويون ، 12 سيپٽمبر تي اعلانيل  هڙتال جي سلسلي ۾ قوم پرست پارٽين  جا عوام سان رابطا تيز خبر موجب شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي ۾ جنسي حراسمينٽ جو شڪار بڻيل شاگردياڻي فرزانه جمالي کي انصاف نه ملي سگهيو، جڏهن ته شاگردياڻي سان  جسقم جي عورت اڳواڻ  ناياب سرڪش سندس گهر وڃي ملاقات ڪري معلوم ورتي ان موقعي تي ناياب سرڪش چيوته مونکي دلي صدمو پهتو آهي ته حڪمران ڌر جي گهر ۾ هڪ نياڻي سان ظلم ٿيو آهي پر 9 ڏينهن گذري وڃڻ باوجود فرزانه کي انصاف نه  مليو آهي جيڪو انتهائي جي ءٌ کي جهوريندڙ عمل آهي هن چيوته هن ملڪ ۾ مظلوم کي انصاف ملڻ مشڪل آهي هوڏانهن صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذره فضل پيچوهو گمبٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وي سي ارشد سليم ۽ پروفيسر عام خٽڪ کي سچو ثابت ڪرڻ لا۽ شاگردياڻي کي ڪوڙو قرار ڏيڻ واري بيان تي شاگردياڻي جي چاچي اقبال جمالي سخت ردي عمل ڏيکاريندي چيوته اڄ مونکي دلي صدمو پهتو آهي جو هڪ عورت صوبائي وزير اسان جي نياڻي کي ڪوڙو قرار ڏنو آهي هن چيوته منهنجو والد شهيد ڀٽو جو ڪارڪن هئيو ۽ منهنجي والد ضياءٌ جي دور ۾ سخت سٺيون اسان پ پ پ جي هر موڙ تي مدد ڪئي پر اڄ اسان پنهنجي خاندان سميت پ پ پ پ کي الوداع ڪيونٿا ڇاڪاڻ ته اڄوڪي پ پ پ غريبن ۽ مظلومن جي نه آهي پر ظالمن جي آهي هنن چيوته صوبائي وزير عذره فضل پيچوهو جو وي سي جي حق ۾ بيان کان پو۽ اهيو سچ سامهون اچي ويو آهي ته سنڌ حڪومت وي سي ارشد سليم ۽ پروفيسر عامر خٽڪ  کي بچائڻ لا۽ سرگرم آهن پر اسان کي  عدالتن مان انصاف جي اميد آهي

اپنا تبصرہ بھیجیں