وزيراعظم عمران خان وفاقي ڪابينا ۾ وڌيڪ 4 وزير کڻڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

0Shares

اسلام آباد(بيورو) وزير اعظم عمران خان وفاقي ڪابينا ۾ واڌ جو فيصلو ڪري ورتو. وزير اعظم هائوس جي ترجمان موجب وزير اعظم عمران خان ڪابينا ۾ 4 نون وزيرن کي شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن ۾ عمر ايوب، علي زيدي ميان محمد سومرو ۽ مراد سعيد شامل آهن. ترجمان چيو آهي ته عمر ايوب خان کي توانائي، علي زيدي کي بحري معاملا ۽ ميان محمد سومرو کي نجڪاري وارو قلمدان ڏنو ويندو جڏهن ته مراد سعيد جي قلمدان جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو. ذريعن موجب ڪابينا ۾ ٽي وفاقي وزير جڏهن ته مراد سعيد کي مملڪتي وزير بڻايو ويندو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں