اسلام آباد(بيورو) وزير اعظم عمران خان سان آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو ملاقات وزير اعظم هائوس ۾ ڪئي. وزير اعظم هائوس ۾ ٿيل ملاقات ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سميت ٻيون اختياريون به موجود هيون جڏهن ته آمريڪي پرڏيهي وزير سان گڏ جنرل جوزف ڊنفورڊ ۽ افغانستان جي لاءِ آمريڪا جو خاص صلاحڪار زلمي خليل زاده به ملاقات ۾ موجود هو. ذريعن موجب ملاقات ۾ پاڪ آمريڪا لاڳاپن ۽ افغانستان ۾ امن عمل بابت معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي اڄ پريس ڪانفرنس ڪندو جنهن دوران هو آمريڪي پرڏيهي وزير سان ٿيل ملاقات بابت آگاهه ڪندو. ذريعن موجب آمريڪي وفد جي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان ملاقات به وزير اعظم هائوس ۾ ٿيندي. ان کان اڳ پرڏيهي پرڏيهي شاهه محمود قريشي ۽ مائيڪ پومپيو جي وچ ۾ پرڏيهي کاتي ۾ وفد جي سطح تي ڳالهيون ٿيون، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. آمريڪي وفد ۾ آمريڪي فوج جو جنرل جنرل ڊنفورڊ ۽ افغانستان جي لاءِ خاص صلاحڪار زلمي خليل زاده به شريڪ هو. پرڏيهي کاتي ۾ ٿيل ڳالهين ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پاڪستان ۽ مائيڪ پومپيو آمريڪي وفد جي نمائندگي ڪئي. سفارتي ذريعن موجب پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ وفد جي سطح تي ٿيل ڳالهيون 30 منٽن تائين جاري رهيون. ذريعن جو ٻڌائڻ آهي ته آمريڪا طرفان هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان سان ” ڊو مور جو مطالبو ڪيو آهي جڏهن ته پاڪستان طرفان به ڀرپور موقف اختيار ڪيو. پاڪستان جو چوڻ هو ته پاڪ آمريڪا لاڳاپن ۾ گڏيل مفادن کي ڏسڻو پوندو، پاڪستان رڳو آمريڪي مفادن جي لاءِ نه جهڪندو. ان کان اڳ آمريڪي پرڏيهي وزير جو جهاز نور خان ايئر بيس پهتو ته پرڏيهي کاتي جي اختيارين سندس استقبال ڪيو جڏهن ته آمريڪي فوج جو چيف آف اسٽاف جنرل ڊنفورڊ الڳ جهاز ۾ اسلام آباد پهتو. آمريڪي پرڏيهي وزير جي وزير اعظم عمران خان سان ملاقات جو امڪان آهي جڏهن ته هو پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه سان به ملاقات ڪندو. پاڪستان جي لاءِ روانگي کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو خواهش جو اظهار ڪيو ته افغانستان ۾ ثالثي لاءِ پاڪستان آمريڪا جي مدد ڪري. گڏوگڏ سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن پاڪستان جو سهڪار نه مليو ته جيڪو ٿيندو اُهو جنرل نڪلسن ۽ جنرل ملر ٻڌائي سگهن ٿا. امداد ۾ گهٽتائي جي حوالي سان ڳالهائيندي مائيڪ پومپيو چيو ته پاڪستان کيپهرين ئي آگاهه ڪري ڇڏيو هو ته کيس رقم نه ملندي ۽ رقم نه ڏيڻ جو سبب به ٻڌايو ويو هو. آمريڪي پرڏيهي وزير وضاحت ڪئي ته سبب واضح آهي ته اسان اڳڀرائي نٿا ڏسي سگهون جيڪا پاڪستان ڏسڻ چاهي ٿو. سندس چوڻ هو چيو ته اسان وسيلا اُن وقت فراهم ڪري رهيا هئاسين جڏهن ان جو منطق هو. ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان پاڪستان ۽ آمريڪا ۾ لاڳاپن جي بحاليءَ لاءِ پراميد آهي. آمريڪي پرڏيهي سيڪريٽري مائيڪ پومپيو پاڪستان جي دوري دوران وزيراعظم عمران خان ۽ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم طرفان آمريڪي پرڏيهي سيڪريٽري سان ملاقات بابت پڌرائي جاري ڪئي وئي آهي، جنهن موجب عمران خان جو چوڻ هو ته منهنجي حڪومت جي ايجنڊا انساني ترقي ۽ غربت جي خاتمي تي ڌيان رکڻ آهي، حڪومت جي ترجيحن ۾ علائقائي امن ۽ استحڪام بنيادي جُز آهي. وزيراعظم موجب پاڪ – آمريڪا لاڳاپا احترام ۽ اعتماد جي بنياد تي مستحڪم بڻائڻ جا خواهشمند آهيون. هن چيو ته پاڙيسرين سميت خطي جي ملڪن سان امن تي ٻڌل لاڳاپا چاهيون ٿا. هوڏانهن پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي آمريڪي وفد جي آمد بعد لاڳاپن ۾ نئين دور جو آغاز قرار ڏيندي چيو ته پرڏيهي سيڪريٽري مائيڪ پومپيو سان اسان 300 ملين ڊالر جي امداد روڪڻ جي حوالي سان ڪا به ڳالهه ناهي ڪئي. آمريڪي پرڏيهي سيڪريٽري مائيڪ پومپيو ۽ جنرل جوزف ڊنفرڊ سان ملاقات بعد پريس ڪانفرنس ڪندي شاهه محمود چيو ته اسان واضح ڪيو آهي ته هڪ ٻئي جي خدشن کي ٻڌي اڳتي وڌڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته 300 ملين ڊالر روڪيا ويا اِهو فيصلو به پراڻو آهي ۽ خبر به پراڻي آهي ۽ اِهو پراڻي حڪومت جو هو ان حڪومت جي اچڻ کان پهرين ۽ ان وٽ جيڪي پيسا پيل هئا انهن کي استعمال ڪرڻ جو موقعو هو پر تاثر ڏنو ويو ته روڪيا ويا جيڪو غلط هو. هن چيو ته اسان سوچيو ته ان تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ گهرجي يا نه ۽ پوءِ اسان چيو ته نه ڪنداسين ڇو ته اسان وٽ پنهنجي روزي ڪمائڻ جي گنجائش موجود آهي ان ڪري ڪنهن قسم جي پيسن تي ڳالهه ڪرڻ جي ضرورت نه هئي. هن چيو ته عمران خان ورهين کان چئي رهيو آهي ته ڪو به ملٽري سلوشن ناهي ان ڪري سياسي حل ڏانهن وڃڻو پوندو ۽ اِها سياسي تبديلي آئي آهي. پرڏيهي وزير چيو ته سياسي ڳالهيون ٿينديون ۽ اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ سان جي اڳواڻي ڪندو ۽ ڳالهيون به ٿين ۽ ان مان اِهو اشارو مليو ته هو ذهني طور تي ان تجويز لاءِ تيار آهي. هن چيو ته اِها معنيٰ جوڳي ڳالهه آهي ته هو افغانستان ۾ ڊگهي عرصي تائين رهڻ نٿو چاهي، شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته مون هن کي سڌن لفظن ۾ چيو ته جيڪڏهن تعلق کي اڳتي وڌائڻو آهي ته اِهو سچائي جي بنياد تي هئڻ گهرجي جيڪو توهان چوندا آئون ٻڌندس ۽ جيڪو مان چوندس توهان کي ٻڌڻو پوندو جڏهن ته اسان جا خدشا نه ٻڌا ويا ته اڳڀرائي نه ٿيندي. ڳالهين جي حوالي سان هن چيو ته اسان انهن خواهشن کي به سمجهيو ۽ پنهنجون اميدون ۽ خدشا به سٺي انداز پيش ڪيا. پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته سيڪريٽري پومپيو کي واضح اشارو ڪيو ته انهن کي ڏسڻو ته اِها جيڪا نئين چونڊجي آئي آهي ان جو موقف ڇا آهي ۽ ماڻهن کي انهن مان ڪهڙيون اميدون آهن ان کي سمجهڻو پوندو. افغانستان جي حوالي سان ٿيل ڳالهه ٻولهه تي سندس چوڻ هو ته اسان چيو آهي ته اسان جي پاڙي ۾ ملڪ آهن انهن سان هڪ مثبت جو ارادو رکون ٿا، تحريڪ انصاف حڪومت جي سڌارن جي ايجنڊا آهي جنهن جو بنياد عوام جي بهتري آهي، هڪ عام پاڪستاني شهري جي بهتري آهي. هن چيو ته اسان جو مقصد امن، مضبوطي ۽ خطي سان جڙڻ آهي ۽ اِها اسان جي ايجنڊا آهي ته اسان جو پرڏيهي وزير پاليسي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ انهيءَ کي ماڊل اختيار ڪرڻو پوندو ان ڪير اسان هڪ نئين سوچ جي تحت اڳتي وڌڻ چاهيون ٿا. شاهه محمود قريشي چيو ته ان جي روشني ۾ فيصلو ڪيو آهي ته منهنجو پهريون دورو افغانستان جو هوندو، پاڙيسري ملڪ طور اسان هڪ ٻئي جو سهارو به آهيون ۽ ضرورت به آهيون ڇو ته اسان کي روايت، مذهب ۽ ثقافت جوڙي رکيو آهي، افغانستان ۾ امن ايندو ته اسان کي به فائدو ٿيندو ۽ پاڪستان ترقي ڪندو ته افغانستان کي فائدو ٿيندو انهيءَ اپروچ تحت افغانستان وڃڻ جو ارادو آهي. آمريڪي پرڏيهي سيڪريٽري سان ٿيل ڳالهه ٻولهه تي ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته اڄ وزير اعظم هائوس ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه جو فارميٽ اهڙي ريت ترتيب ڏنو هو ته جڏهن مائيڪ پومپيو سان ملاقات ٿي رهي هئي ته وزير اعظم عمران خان، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، ڊي جي آءِ ايس پي آر نويد مختيار ۽ جنرل جوزف سان گڏجي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ان جي پٺيان هڪ سوچ هئي. هن چيو ته ماضي ۾ عام تاثر هو ته هو آيو مليو ۽ جي ايڇ ڪيو ويو ۽ ماڻهن تاثر ڏنو ته سويلين ڪجهه چون ٿا، ملٽري ڪجهه چئي ٿي پر اڄوڪي ملاقات مان اِهو پيغام ويو ته اسان سڀ هڪ پيج تي آهيون ۽ پاڪستان جو مفاد سڀني کي عزيز آهي ۽ ان کي ئي اڳتي کڻي وينداسين. شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته مون هن سان جتي اِها خواهش ڪئي افغانستان ۾ جيڪڏهن اڳتي وڌڻو آهي ته پاڪستان جي به مدد ڪرڻي پوندي، پاڪستان مثبت ڪردار ادا ڪندو رهندو. سندس چوڻ هو ته اسان واضح ڪيو ته جيڪڏهن اسان کي اولهه سرحد ڏانهن ڌيان ڏيڻو آهي ته اسان کي اوڀر سرحد ۾ مددگار گهربل آهي ڇو ته ڪنٽرول لائن (ايل او سي) ۾ جنگبندي جي ڀڃڪڙي ٿيندي آهي ۽ ضروري آهي ته ان ڏانهن به ڏسون ۽ ڪير ڪهڙو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته اڄوڪي جي ويهڪ هڪ ٻئي جي نظريي کي سمجهڻ لاءِ هڪ سير حاصل ويهڪ هئي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟