ايل او سي تي فائرنگ ۾ شهري جي شهادت تي ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر جي طلبي، پاڪستان جو احتجاج

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان لائن آف ڪنٽرول تي ڀارتي فوج جي فائرنگ ۾ شهري جي شهادت تي ڀارت ڊپٽي هاءِ ڪمشنر اڳيان سخت احتجاج ڪيو. گذريل ڏينهن ڀارتي فوج ڪنٽرول لائن تي ڪوٽ ڪوٽيرا سيڪٽر ۾ بناجواز جي فائرنگ ڪئي هئي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ شهري شهد ٿي ويو هو. پاڪستان ڀارتي اڳرائي تي ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي پرڏيهي وزارت طلب ڪيو جتي فائربندي معاهدي جي ڀڃڪڙي ۽ شهري جي شهادت تي سخت احتجاج ڪيو ويو. ڏکڻ ايشيا جي ڊي جي ڊاڪٽر فيصل احتجاجي بيان ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر حوالي ڪيو.

اپنا تبصرہ بھیجیں