ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چئن وزيرن کي سندس ڪابينا ۾ شامل ڪيا. انهن وزيرن جي شامل ٿيڻ سان صوبائي ڪابينا جي ميمبرن جو انگ 12 ٿي ويو آهي ۽ ٻه صوبائي صلاحڪار پڻ آهن. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اربع ڏينهن وڌيڪ چار وزير ڪابينا ۾ شامل ڪيا، نون وزيرن ۾ مڪيش ڪمار چاولا، امتياز احمد شيخ، سيد ناصر شاهه ۽ فراز احمد ڏيرو شامل آهن. مڪيش ڪمار چاولا جو لاڳاپو ضلعي ڪشمور– ڪنڌڪوٽ مان آهي ۽ هُو خاص سيٽ تي ايم پي اي آهي، هو پيپلز پارٽي جي گذريل حڪومت ۾ ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن هو. امتياز احمد شيخ هڪ اڳوڻو بيوروڪريٽ ۽ سياستدان آهي، جيڪو شڪارپور مان صوبائي اسيمبلي ميمبر چونڊيو آهي، هُو گذريل حڪومتن دوران ڪيترائي ڀيرا صوبائي وزير رهيو آهي. سيد ناصر حسين شاهه روهڙي ضلعي سکر مان صوبائي اسيمبلي ميمبر چونڊيو آهي ۽ هي سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي گذريل حڪومت ۾ سڌسماءَ وارو صوبائي وزير هو. فراز ڏيرو ٽنڊو آدم ضلعي سانگهڙ مان ايم پي اي مقرر ٿيو آهي، هُو پيپلز پارٽي پاران ٻيو ڀيرو ايم پي اي بڻيو آهي ۽ پهريون ڀيرو صوبائي وزير ٿيو آهي. گورنر سنڌ عمران اسماعيل نون چونڊيل وزيرن کان گورنر هائوس ۾ منعقد هڪ سادي تقريب ۾ حلف ورتو. حلف برداري تقريب ۾ پيپلز پارٽي سنڌ جو صدر نثار کهڙو، صوبائي وزيرن ۽ صوبائي صلاحڪارن ۽ چيف سيڪريٽري ۽ انسپيڪٽر جنرل پوليس، وزيرن جي خاندان جا ميمبر ۽ سول سوسائٽي جي ميمبرن شرڪت ڪئي. وڏي وزير ۽ گورنر سنڌ حلف برداري کانپوءِ صوبائي وزيرن کي واڌايون ڏنيون. ٻئي طرف سنڌ ڪابينا ۾ شامل نون وزيرن کي کاتا به الاٽ ڪيا ويا جنهن جو نوٽيفڪيش پڻ جاري ڪيو ووي، نوٽيفڪيشن موجب ناصر شاهه کي ورڪس اينڊ سروسز، ڪميش ڪمار چاولا کي ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن، امتياز شيخ کي توانائي ۽ فراز ڏيرو کي اوقاف، مذهبي معاملا ۽ عشر زڪوات جا معاملا ڏنا ويا.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟