ناڻي واري وزير جو قومي مالياتي ڪميشن ۾ قانونسازي لاءِ وڏن وزيرن کي خط

اسلام آباد(م ڊ) ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر قومي مالياتي ڪميشن ۾ قانونسازي لاءِ چئني صوبن جي وڏن وزيرن کي خط لکي ڇڏيو. اسد عمر پاران پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه، خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان ۽ بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال خان ڏانهن خط اماڻيا ويا. خط ۾ چيو ويو آهي ته نائين قومي مالياتيڪميشن ۾ قانونسازي جي ضرورت آهي ۽ آئين جي آرٽيڪل 160 تحت 5 سالن جي مدي ۾ اين ايف سي ايوارڊ ضروري آهي. ناڻي وارو وفاقي وزير ۽ صوبائي ناڻي وارا وزير قانوني طور اين ايف سي ايوارڊ جا ميمبر آهن، ان کانسواءِ هن چيو ته صوبن مان اين ايف سي ۾ هڪ هڪ اقتصادي ماهرن کي به شامل ڪرڻ گهرجي.

اپنا تبصرہ بھیجیں