پي سي بي ۾ احتساب جو نظام آندو ويندو، پهريان پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪندس: احسان ماني

لاهور(اسپورٽس نيوز) لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين احسان ماني چيو آهي ته پي سي بي ۾ شفافيت ۽ احتساب جو نظام آندو ويندو. پي سي بي چيئرمين جو وڌيڪ چوڻ هو ته سڀ کان پهريان پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪندس، هڪ مهيني ۾ پي سي بي جي اڪائونٽ جا معاملا ويب سائيٽ تي جاري ڪري ڇڏينداسين، ان کي ڏسڻ کانپوءِ ڪنهن جي ذهن ۾ سوال هجي ته ان جو جواب ضرور ڏنو ويندو. سندس چوڻ هو ته بورڊ بابت ڪابه ڳالهه ميڊيا کان نه لڪائي ويندي، ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ طريقيڪار هوندو جنهن تحت ميڊيا ڊپارٽمينٽ ڪم ڪندو. هن چيو ته پي ايس ايل ۾ مالي بي ضابطگين جي سوال تي هن جو چوڻ هو ته آڊيٽر جنرل طرفان شروعاتي ٻنهي ايڊيشنز جي آڊٽ ۾ ڪيترائي سوال اٿيا آهن. پي سي بي ۽ پي ايس ايل جو 3 سال جو آڊٽ ڪرايو ويندو، ڪرپشن ڪنهن مرحلي تي به ٿي ته معافي قابل ناهي، اسان ضرور ڪارروائي ڪنداسين، بورڊ جي رقم جيڪڏهن لٽ مار ڪئي وئي ته واپس آڻڻ جي به ڪوشش ڪنداسين. احسان ماني چيو ته گورننگ  بورڊ خاموش تماشائي ناهي بلڪ پنهنجو آئيني ڪردار ادا ڪندو، ڏسڻو پوندو ته جنهن مقصد لاءِ  بورڊ بڻايو ويو اهو پورو ٿيو يا نه، هن وقت گورننگ بورڊ ۾ ڪيترائي پروفيشنل ماهر موجود آهن سڀني جي تجربي مان فائدو ورتو ويندو. هڪ سوال تي هن چيو ته پي ايس ايل گورننگ ڪونسل جي ڍانچي جو جائزو ورتو ويندو ته جيئن ان جو سسٽم به هر لحاظ کان شفاف بڻايو وڃي.

اپنا تبصرہ بھیجیں