پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ رٺل محمد حفيظ کي پرچائي ورتو

0Shares

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اڳوڻي ڪپتان ۽ آل رائونڊر محمد حفيظ کي پرچائي ورتو. ڪرڪيٽر جو چوڻ آهي ڪنهن سان ڪابه ناراضگي ناهي، پاڪستان ڪرڪيٽ لاءِ دستياب آهيان، فائٽر آهيان هميشه فائيٽ ڪندو رهندس. ايشيا ڪپ لاءِ قومي ٽيم کان ڊراپ ڪرڻ تي آل رائونڊر محمد حفيظ ڪرڪيٽ بورڊ سان ناراض ٿي ويو هو هن ڪالهه منجهند 3 وڳي هنگامي پريس ڪانفرنس ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ تنزلي بعد ايشياڪپ مان آئوٽ ڪرڻ تي محمد حفيظ پي سي بي چيئرمين کي پُرزور اپيل ڪئي آهي. پروفيسر لکيو آهي ته سليڪشن ڪميٽي ۽ ٽيم مينجمنٽ لاڳيتو نظر انداز ڪري رهي آهي، جيڪڏهن  اهڙو ئي رويو رهيو ته مان پاڪستان لاءِ وڌيڪ ڪرڪيٽ نه کيڏي سگهندس، پي سي بي چيئرمين توهان پاڻ ان معاملي کي ڏسو ۽ مناسب موقعو ڏيو ۽ جيڪڏهن ڪاڪردگي ڏيکارڻ ۾ ڪامياب نه ٿيس ته ڊراپ ڪيو وڃي. محمد حفيظ خط ۾ ڄاڻايو آهي ته اهڙي رويو کان بهتر آهي ته هو سدائين لاءِ عالمي ڪرڪيٽ کي الوداع چئي ڇڏي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں