اسلام آباد(بيورو) تحريڪ انصاف جو ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان جو 13 هون صدر چونڊجي ويو. صدر جي لاءِ تحريڪ انصاف جي ڊاڪٽر عارف علوي، پيپلز پارٽي جي اعتزاز احسن ۽ 4 مخالف ڌر پارٽين مسلم ليگ ن، عوامي نيشنل پارٽي، متحده مجلس عمل ۽ پشتونخواهه ملي عوامي پارٽي جي گڏيل اميدوار مولانا فضل الرحمان جي وچ ۾ مقابلو هو. صدارتي چونڊ جي لاءِ پارليامينٽ هائوس ۽ چئني صوبائي اسيمبلين ۾ صبح 10 وڳي پولنگ شروع ٿي جيڪا بنا وقفي جي شام 4 وڳي تائين جاري رهي. پارليامينٽ ۾ پولنگ دوران 432 مان 424 ووٽ ڪاسٽ ڪيا ويا ۽ 6 ووٽ رد ۽ ٻن اسيمبلي ميمبرن پنهنجو حق استعمال نه ڪيو، عارف علوي 212، مولانا فضل الرحمان 131 ۽ اعتزاز احسن 81 ووٽ حاصل ڪيا. پنجاب اسيمبلي ۾ 354 مان 351 ميمبرن ووٽ ڪاسٽ ڪيا جڏهن ته سنڌ اسيمبلي ۾ 163 مان 158 ووٽ ڪاسٽ ٿيا. اهڙي ريت بلوچستان اسيمبلي ۾ 61 مان 60 ميمبرن ووٽ ڪاسٽ ڪيا ۽ هڪ ميمبر نواب ثناءُ الله زهري پنهنجو ووٽ ڪاسٽ نه ڪيو جڏهن ته خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي 112 مان 111 ميمبرن ووٽ وڌا، اسمبلي جي آزاد ميمبر امجد آفريدي پنهنجو ووٽ ڪاسٽ نه ڪيو. بلوچستان اسيمبلي ۾ عارف علوي 46 ۽ مولانا فضل الرحمان 15 ووٽ حاصل ڪيا جڏهن ته پيپلز پارٽي جي اسيمبلي ۾ ڪو به نمائندگو ناهي ان ڪري اعتزازا حسن کي ڪو به ووٽ نه مليو. صدارتي چونڊ فارمولي جي تحت سنڌ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي گڏيل ووٽن جي بلوچستان اسيمبلي جي ميمبرن ۾ ورهايو ويندو. خيبرپختونخواهه اسيمبلي ۾ عارف علوي 78، مولانا فضل الرحمان 26 ۽ اعتزاز احسن 5 ووٽ حاصل ڪيا، صدارتي چونڊ جي فارمولي تحت پي ٽي آءِ اميدوار عارف علوي کي 41، مولانا فضل الرحمان کي 13 ۽ اعتزاز احسن کي 2 ووٽ مليا. سنڌ اسيمبلي ۾ پيپلز پارٽي جي اميدوار کي 100 ووٽ ۽ عارف علوي کي 56 ووٽ مليا جڏهن ته مولانا فضل الرحمان کي هڪ ووٽ مليو. چونڊ فارمول جي تحت سنڌ اسيمبلي ۾ اعتزاز احسن 39 ۽ عارف علوي 22 ووٽ حاصل ڪيا. صوبائي اليڪشن ڪمشنر موجب سنڌ ۾ 163 مان 158 ووٽ ڪاسٽ ٿيا ۽ هڪ ووٽ رد ٿيو جڏهن ته 5 ميمبرن ووٽ ئي ڪاسٽ نه ڪيو. صدارتي چونڊ جي لاءِ چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس (ر) سردار محمد رضا ريٽرننگ آفيسر آهي جيڪو حتمي نتيجي جو اعلان ڪندو. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان موجب اليڪشن ڪمشنر حتمي نتيجن جو اعلان ڪندي. ترجمان ٻڌايو ته صدارتي چونڊ ۾ غلط نشان لڳائڻ جي ڪري قومي اسيمبلي جي ۽ سينيٽ جي ميمبرن جا 6 ووٽ رد ٿيا، 2 پارليمنٽ جي ميمبرن ووٽ نه وڌا جنهن مان هڪ سينيٽر ۽ هڪ قومي اسيمبلي جو ميمبر آهي. ياد رهي ته صدر ممنون حسين جي ملازمت جو مدو 8 سيپٽمبر تي ختم ٿي رهيو آهي ۽ نئون چونڊيل صدر ڊاڪٽر عارف علوي 9 سيپٽمبر تي پنهنجي عهدي جو حلف کڻندو. صدارتي چونڊ جي لاءِ پولنگ جي شروعات صبح 10 وڳي جيڪي شام 4 وڳي تائين بنا وقفي جي جاري رهي، وزير اعظم عمران خان پولنگ جو وقت ختم ٿين جي آخري ڪلاڪ ۾ اسيمبلي هال ۾ پهتو ۽ ووٽ ڪاسٽ ڪيو. ٻن صدارتي اميدوارن اعتزاز احسن ۽ مولانا فضل الرحمان اسيمبلي يا سينيٽ جو ميمبر نه هئڻ جي ڪري پاڻ کي ووٽ نه ڏئي سگهيا ۽ رڳو عارف علوي قومي اسيمبلي جي ميمبر جي حيثيت سان ووٽ ڪاسٽ ڪيو. قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ انور خان ڪانسي جي سربراهي ۾ پولنگ ۽ ڳڻپ جو عمل مڪمل ٿيو. اهڙي ريت خيبرپختونخواهه اسيمبلي ۾ پريزائيڊنگ آفيسر چيف جسٽس وقار احمد سيٺ جي سربراهي ۾ پولنگ جي شروعات ٿي ته بلوچستان اسيمبلي ۾ چيف جسٽس سيده طاهره صفدر ۽ سنڌ اسيبلي ۾ چيف جسٽس احمد علي شيخ جي نگراني ۾ صدارتي چونڊ جو مرحلو مڪمل ڪيو ويو. بيلٽ پيپر تي پيپلز پارٽي جي اميدوار اعتزاز احسن جو نالو پهرين کان موجود آهي جڏهن ته تحريڪ انصاف جو اميدوار ڊاڪٽر عارف علوي ٻئي ۽ مولانا فضل الرحمان جو نالو ٽئين نمبر تي آهي. عارف علوي مجموعي طور 353 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو اعتزاز احسن کي 124 ۽ فضل الرحمان کي 158 ووٽ مليا.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟