منهنجي ڪراچي ۾ سب جيل جي دوري تي وڏو گوڙ ٿيو آهي، اسپتال مان مليل نمونا تبديل ٿيا: چيف جسٽس

0Shares

اسلام آباد (بيورو) چيف جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته خبر ناهي ڪنهن اسپتال مان مليل نمونا تبديل ڪري ڇڏيا. سپريم ڪورٽ ۾ پئٽروليم سيڙپڪاري ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته منهنجي ڪراچي ۾ سب جيل جي دوري تي وڏو گوڙ ٿيو آهي، ايئن لڳو ڄڻ شرجيل ميمڻ سب جيل نه پر صدارتي سوٽ ۾ رهي رهيو آهي. هن چيو ته خبر ناهي ڪنهن نمونا ورتا، ڪنهن ٽيسٽ ڪرايا، ڪنهن اسپتال مان مليل نمونا تبديل ڪري ڇڏيا، جيڪڏهن مون کي ڪارروائي ڪرڻي هجي ها ته شرجيل ميمڻ کي گرفتار ڪرائي پاڻ نمونا حاصل ڪيان هان. چيف جسٽس چيو ته مون کي خبر پئي ته ضياءَ الدين اسپتال ۾ هڪ صدارتي ڪمرو آهي، جتي اعليٰ قيدي رهندو آهي،  ان اعليٰ قيدي جي راتين جون جيڪي ڳالهيون ٿينديون آهن اها به خبر آهي. هن چيو ته هاڻي کين پنجاب آڻينداسين، هتي به عدالتون آهن، سنڌ انتظاميه کي سهڪار نه ڪرڻو آهي ته ٻين صوبن ۾ ڪيس هلندا. چيف جسٽس چيو ته ڀڄڻ وارا نه آهيون، فيصلن تي عمل ڪرائڻ  ڄاڻون ٿا.  سپريم ڪورٽ پئٽروليم سيڙپڪاري ڪيس ۾ نيب کان ٽن هفتن ۾ جواب طلب ڪري ورتو آهي. ٻئي طرف چيف سيڪريٽري سنڌ شرجيل ميمڻ جي رت جي ليبارٽري ٽيسٽ رپورٽ کي شڪي قرار ڏئي ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف سيڪريٽري سنڌ شرجيل ميمڻ جي رت جي ٽيسٽ جي رپورٽ کي شڪي قرار ڏنو. هن چيو ته لڳي ٿو ته رپورٽ ۾ ٽمپرنگ ٿي آهي، اسان وٽ سب جيل ۽ اسپتال جا سي سي ٽي وي فوٽيج موجود آهن، معاملي جي جاچ ڪري رپورٽ ڏينداسين. ٻئي طرف شرجيل ميمڻ جي ڪمري مان شراب هٿ اچڻ جي جاچ ڪندڙ ٽيم جي سربراهه ڊي آءِ جي ڏکڻ طرفان پريس رليز جاري ڪئي وئي آهي. پريس رليز موجب خانگي اسپتال ۾ شرجيل ميمڻ جي سب جيل قرار ڏنل ڪمري تي مقرر ٿيل سڪيورٽي اسٽاف کي جاچ ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، اهو فيصلو سي سي ٽي وي ڪيمرا جي فوٽيجز جي مشاهدي کانپوءِ ڪيو ويو آهي. پريس رليز ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سب جيل جي اندر هڪ شڪي پارسل جي منتقلي کي ڏٺو ويو، پارسل جي منتقلي ۾ خانگي ملازم ملوث آهن، پارسل جي منتقلي سان شاهديون ضايع ڪرڻ جو وڏو شڪ آهي، جڏهن ته ڪيمرا جي رڪارڊنگ ۾ ذاتي ملازمن جي حرڪتن مان به شڪ شبها وڌي رهيا آهن.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں