آرمي چيف جي صدارت ۾ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس، شهيد جوانن کي خراج عقيدت پيش

0Shares

راولپنڊي  (م ڊ)  آرمي چيف جي صدارت هيٺ  ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ٿي.  ڪانفرنس ۾ رد الفساد  جي پيش رفت  جو جائزو ورتو. تفصيل موجب   آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوده جي صدارت  ۾ جنرل هيڊ ڪوارٽرز  (جي ايڇ ڪيو) راولپنڊي  ۾ ڪور ڪمانڊرز جو اجلاس  ٿيو.  ان موقعي تي  ڳالهائيندي  آرمي چيف جنرل باجوه  چيو ته  سمورن فيلڊ فارميشنز شهيدن جي وارثن وٽ وڃن ۽ پياري ملڪ خاطر عظيم قرباني ڏيندڙ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪن. آرمي چيف يوم دفاع  ڀرپور نموني ملهائڻ جو عزم پڻ ورجايو. اجلاس ۾ آپريشن رد الفساد جي پيش رفت جو پڻ جائزو ورتو ويو. آئي ايس پي آر  موجب اجلاس  ۾ خطي جي مجموعي صورتحال  تي پڻ غور ڪيو ويو.  ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيندڙن وطن خاطر  پنهنجي جان جو نذرانو ڏيندڙ شهيدن  کي خراج عقيدت پڻ پيش ڪيو. ان موقعي تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه يوم دفاع جي حوالي سان چيو ته ڀرپور نموني ملهايو ويندو. هن چيو ته 6 سيپٽمبر جي موقعي تي شهيدن جي مزارن تي  ۽ انهن جي وارثن وٽ وڃي هن عظيم قربانين کي ياد ڪيو  وڃي ۽ خراج تحسين پيش ڪيو وڃي. شهيدن جي وارثن کي احساس ڏياريو وڃي ته پوري قوم کي هن عظيم قرباني تي فخر آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں