وزيراعظم عمران خان ڪابينا جي نجڪاري، سي پيڪ ۽ توانائي ڪميٽيون جوڙي ڇڏيون

0Shares

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم عمران خان ڪابينه جون نجڪاري، سي پيڪ ۽ توانائي ڪميٽيون جوڙي ڇڏيون وزيراعظم عمران خان توانائي لاءِ ڪابينه جي 6 ميمبرن واري ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي جنهن جو چيئرمين پيٽروليم جو وزير غلام سرور خان مقرر ڪيو ويو اڱاري تي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق ڪميٽي ۾ ناڻي وزير رٿابندي وزير ريلوي وزير واپار ۽ ٽيڪسٽائي  جو صلاحڪار صنعت ۽ پيداوار جا صلاحڪار به شامل آهن سيڪريٽري ڪابينه ڊويزن به ڪميٽي جو حصو هوندا وزيراعظم ستن ميمبرن واري ڪابينه ڪميٽي نجڪاري به جوڙي ڇڏي اهي جنهن جو چيئرمين اسدعمر مقرر ڪيو ويو آهي نوٽيفڪيشن مطابق قانون وارو وزير رٿابندي وزير تجارت ۽ ٽيڪسٽائيل صلاحڪار صنعت ۽ پيداوار صلاحڪار سيڙپڪاري ۽ سيڪريٽري ڪابينه ڊويزن به ڪميٽي جو حصو آهن نجڪاري وزير يا صلاحڪار جي مقرري تي ميمبر مقرر ڪيو ويندو وزيراعظم 9 ميمبرن تي ٻڌل ڪابينه ڪميٽي سي پيڪ به جوڙي ڇڏي آهي جنهن جو چيئرمين رٿابندي جو وزير خسرو بختيار مقرر ڪيو ويو آهي نوٽيفڪيشن مطابق پرڏيهي وزير قانون ۽ انصاف وارو وزير ناڻي وزير پيٽروليم وزير ريلوي وزير ۽ مملڪتي گهرو ڪميٽي ۾ شامل آهن. جڏهن ته ڪميٽي ۾ صلاحڪار واپار ۽ ٽيڪسٽائيل صنعت ۽ پيداوار ۽ سرمائيڪاري صلاحڪار به هوندو سيڪريٽري ڪابينه ڊويزن به ڪابينه ڪميٽي سي پيڪ جا ميمبر مقرر ڪيا ويا آهن ڪابينه ڊويزن ٽنهي ڪميٽين جي تشڪيل جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں