پريانڪا چوپڙا ۽ نڪ جونس جي شادي دير جو شڪار

ممبئي(شوبز نيوز) باليووڊ جي مشهور اداڪارا پريانڪا چوپڙا ۽ نڪ جونس ايندڙ سال آمريڪا ۾ شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويندا.اڳوڻي سونهن راڻي ۽ باليووڊ جي ناليواري اداڪارا پريانڪا چوپڙا ۽ نڪ جونس جي مڱڻي بعد ميڊيا ۾ اهي خبرون گردش ڪري رهيون هون ته ٻئي هلندڙ سال آڪٽوبر ۾ شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويندا. پر هاڻ اطلاع ملي رهيا آهن ٻئي ايندڙ سال آمريڪا ۾ شادي ڪندا.واضح رهي ته 25 ورهين جي آمريڪي ڳائڻي ۽ اداڪار نڪ جونس 36 ورهين جي پريانڪا چوپڙا کي شادي جي آڇ ڪئي هئي جنهن کي پريانڪا چوپڙا قبول ڪيو هو. ٻنهي جي گذريل مهيني ممبئي ۾ مڱڻي جي رسم ادا ڪئي وئي هئي.

اپنا تبصرہ بھیجیں