احسان ماني پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو بنا مقابلي چيئرمين چونڊجي ويو

لاهور  (اسپورٽس نيوز) احسان ماني پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو بنا مقابلي چيئرمين چونڊجي ويو.  پي سي بي هيڊ ڪوراٽر ۾ اڄ نئين چيئرمين لاءِ چونڊ ٿيڻي هئي، پر احسان ماني جي مقابلي ۾ڪنهن به اميدوار نامزدگي فارم نه ڀرايو، جنهن کانپوءِ  هو بنا مقابلي پي سي بي چيئرمين چونڊجي ويو.  پي سي بي قانون موجب احسان ماني ايندڙ ٽن سالن تائين پي سي بي چيئرمين جي حيثيت ۾ خدمتون انجام ڏيندو. ان کان اڳ پيٽرن اِن چيف وزيراعظم عمران خان، نجم سيٺي جي استعيفيٰ  کان پوءِ احسان ماني کي ڪرڪيٽ بورڊ جو نئون چيئرمين چونڊيو  هو پر بعد ۾ غلطي جو احساس ٿيڻ تي کيس گورننگ باڊي جو ميمبر بڻائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو.  ياد رهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي گورننگ بورڊ جي ميمبرن جو انگ 10 آهي جنهن ۾ ٻن کي سڌو سنئون وزيراعظم يعني پي سي بي جو پيٽرن مقرر ڪندو آهي جڏهن ته ٻيا 8 ريجنز ۽ کاتي پاران چونڊجي بورڊ جو حصو بڻجندا آهن.  پي سي بي چيئرمين جي چونڊ گورننگ بورڊ جا ميمبر پنهنجي ووٽ ذريعي ڪندا آهن.  ياد رهي ته احسان ماني انٽر نيشنل ڪرڪيٽ ڪونسل  جي صدر جي عهدي تي پڻ خدمتون انجام ڏئي چڪو آهي. اليڪشن ڪمشنر جسٽس (ر)  افضل حيدر ۽ ڊپٽي اليڪشن ڪمشنر  احمد شهزاد فاروق  رانا جي زير نگراني چونڊ ٿي. چيئرمين چونڊجڻ  کانپوءِ احسان ماني  بورڊ جي چارج سنڀالي ۽ پي سي بي عهديدارن سان ملاقات ڪئي.  سي اي او سبحان احمد بورڊ معاملن تي  بريفنگ ڏني. عهدو نجم سيٺي جي استعيفيٰ  کانپوءِ  خالي ٿيو. احسان ماني 2003 کان 2006 تائين آئي سي سي جو صدر رهي چڪو ۽ وسيع تجربو رکندڙ ايڊمنسٽريٽر آهي. واضح رهي ته بنا مقابلي چونڊيل صدر جو فوري طور نوٽيفڪيشن نڪرندوآهي.  پي سي بي  بورڊ آف گورنرز  ۾ وزيراعظم ۽ پيٽرن ان چيف پي سي بي عمران خان جي نامزد  ڪيل ميمبرن احسان ماني ۽ اسد علي خان، ليفٽيننٽ جنرل (ر)  مزمل حسين (واپڊا)، ڊاڪٽر نجيب صائم (ايڇ بي ايل)، محمد اياز بٽ (ڪي آر ايل) ليفٽيننٽ جنرل (ر)  جاويد ضيا  (ايس ايس جي سي) مراد اسماعيل  (ڪوئيٽا ريجن)، شاھ ريز عبدالله  روکڙي (لاهور ريجن)، ڪبير احمد خان (فاٽا ريجن)،  ڪيپٽن (ر)  جهانزيب خان (سيڪريٽري وزارت براءِ بين الصوبائي  شامل آهن، سيڪريٽري ووٽ نٿو ڏئي سگهي. نئين چونڊيل چيئرمين پاران بورڊ مان ڪرپشن کي مڪمل طور ختم ڪرڻ ۽ گذريل پراڻي رڪارڊ جي آڊٽ ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو ۽ پي ايس ايل جون سموريون مئچون پاڪستان ۾ ڪرائڻ ۽ ملڪ ۾ بين الاقوامي ڪرڪيٽ جلد بحال ڪرائڻ جو پڻ اعلان ڪيو ويو.

اپنا تبصرہ بھیجیں