ايشيا ڪپ لاءِ 16 رڪني پاڪستاني ٽيم جو اعلان، محمد حفيظ ۽ عماد وسيم ٻاهر

0Shares

لاهور  (اسپورٽس نيوز) چيف سليڪٽر انضمام الحق دبئي ۾ ٿيندڙ ايشيا ڪپ لاءِ 16 رڪني پاڪستاني ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. قومي ٽيم جي اڳواڻي سرفراز احمد ڪندو، جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ فخر زمان، شعيب ملڪ، محمد عامر، شاداب خان، امام الحق، شان مسعود، بابر اعظم، آصف علي، حارث سهيل، محمد نواز، فهيم اشرف، حسن علي، جنيد خان، عثمان شنواري ۽ شاهين آفريدي شامل آهن. آل رائونڊر عماد وسيم فٽنيس ٽيسٽ ۾ ناڪاميءَ سبب ٽيم ۾ جاءِ نه ٺاهي سگهيو، جڏهن ته سينيئر بيٽسمين محمد حفيظ کي به ٽيم مان ڊراپ ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته 14هون ايشيا ڪپ 15 سيپٽمبر کان دبئي ۾ شروع ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون 19 سيپٽمبر تي آمهون سامهون ٿينديون

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں