صدارتي چونڊ اڄ ٿيندي، پ پ ۽ ن ليگ جي هوڏ اپوزيشن کي ورهائي ڇڏيو، 3 اميدوار ميدان تي لٿل

0Shares

اسلام آباد (بيورو) ملڪ جي 13 هين صدر لاءِ اڄ رٿيل چونڊن لاءِ سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، اليڪشن ڪميشن ان سلسلي ۾ پارليامينٽ هائوس۽ چئني صوبي اسيمبلين ۾پولنگ اسٽيشنون قائم ڪري ڇڏيون آهن. قومي اسيمبليجي ترجمان جو چوڻ آهي ته صدارتي چونڊن لاءِ پولنگ صبح 10 وڳي کان منجهند 4 وڳي تائين جاري رهندي ۽ ووٽنگ لاءِ قومي اسيمبلي ميمبرن کي ڪارڊ گڏ آڻڻو پوندو. اليڪشن ڪميشن پاران صدارتي چونڊن جي پولنگ لاءِ بيلٽ پيپرزن ۽ ٻيو سامان اسيمبلين ۾ پهچايو ويو آهي. صدارتي چونڊن لاءِ 3 اميدوار ميدان تي آهن ۽ بيلٽ پيپرز تي پ پ جي اميدوار اعتزاز احسن جو نالو پهرين نمبر تي موجود آهي جڏهن ته تحريڪ انصاف جي اميدوار ڊاڪٽر عارف علوي ٻي ۽ پنجن پارٽين جي گڏيل اميدوار مولانا فضل الرحمان جو نالو ٽئين نمبر تي آهي. صدارتي چونڊن لاءِ پولنگ سڀاڻي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۽ سمورين صوبائي اسيمبلين ۾ ٿيندي. چيف اليڪشن ڪمشنر سردار محمد رضا صدارتي چونڊن لاءِ  رٽرنگ آفيسر آهي جڏهن ته چئني صوبن جي اسيمبلين ۾ هاءِ ڪورٽ جا چيف جسٽس ۽ سينيٽ توڙي  قومي اسيمبلين ۾اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جا چيف جسٽس پرزائيڊنگ آفيسر جون ذميواريون نڀائيندا. اليڪشن ڪميشن ووٽر لسٽون پرزائيڊنگ آفيسرن حوالي ڪري ڇڏيون آهن جنهن موجب سيينٽ، قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ سيٽن جو تعداد 1174 آهي پر صدارتي چونڊن ۾ 1121 پارليامينٽ ميمبر ووٽ ڪري سگهندا جڏهن ته 53 سيٽون خالي آهن. خالي سيٽن ۾ سينيٽ جون 2، قومي اسيمبلي جون 12 ۽ صوبائي اسيمبلين جون 30 سيٽون شامل آهن جڏهن ته قومي ۽ صوبائي اسيمبلين  جي 9 سيٽن تي اڃا تائين ميمبر قسم نه کڻي سگهيا آهن.صدارتي اليڪشن جي لاءِ ايم ايم اي ۽ مخالف ڌر پارٽي جي اميدوار مولانا فضل الرحمان پيپلز پارٽي جي اميدوار اعتزاز احسن جي حق ۾ ويهڻ لاءِ مشروط راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ۽ جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي ملاقات ٿي. اسلام آباد ۾ ٿيل ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات ۾ سياسي صورتحال ۽ صدارتي چونڊن جي حوالي سان ڳالهيون ٿيون. ملاقات ۾ فضل الرحمان جو پٽ مولانا اسعد محمود، عبدالغفور حيدري ۽ سينيٽر فيض محمد جڏهن ته پ پ پ جو صدارتي اميدوار اعتزاز احسن، خورشيد شاهه، راجا پرويز اشرف، قمر زمان ڪائره ۽ شيري رحمان به موجود هئا. ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات دوران مولانا عبدالغفور حيدري جو چوڻ هو ته مخالف ڌر جو ڪم حڪومت ڪيرائڻ ۽ پنهنجي حڪومت بڻائڻ جي ڪوشش ڪرڻ هوندو آهي. پيپلز پارٽي طرفان صدارتي اميدوار اعتزاز احسن عبدالغفور حيدري جي تائيد ڪندي چيو ته مخالف ڌر جو اصل اهو ئي آهي. ذريعن موجب اعتزازا احسن وڌيڪ چيو ته مخالف ڌر جو استحقاق ئي نه پر اِهو مخالف ڌر جو ڪم آهي. ملاقات دوران فضل الرحمان کان آصف زرداري هٿ کڻڻ جو مطالبو ڪيو، فضل الرحمان چيو ته هٿ کڻڻ جو اختيار مون وٽ ناهي، توهان شهباز شريف کي راضي ڪريو ته مان هٿ کڻدس، ملاقات بعد فرحت الله بابت چيو ته پ پ جو اميدوار اعتزاز احسن ئي آهي، فضل الرحمان کي هٿ کڻڻ جو چيو ويو. شهباز شريف پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪري. اميد ته اعتزاز احسن متفقه اميدوار هوندو. شهباز شريف جي نامزدگي واپس نه وٺنداسين. ٻئي طرف آصف زرداري جي هدايت تي پ پ وفد شهباز شريف سان ملاقات ڪئي، ملاقات ڪندڙن ۾ خورشيد شاهه، اعتزاز احسن، شيري رحمان، ڪائره ۽ ٻيا شامل هئا. ان موقعي تي فضل الرحمان پڻ موجود هو. ذريعن موجب ن ليگ صدر شهباز شريف اعتزاز احسن جي حمايت کان انڪار ڪري ڇڏيو، شهباز شريف چيو ته ن ليگ اعتزاز احسن جي ڪنهن به صورت ۾ حمايت نه ڪندي، پ پ وفد شهباز شريف کي فضل الرحمان جي نامزدگي تان هٿ کڻڻ لاءِ پرچائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪوبه بريڪ ٿرو نه ٿيو، شهباز شريف چيو ته فضل الرحمان ئي اپوزيشن جو اميدوار هوندو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں