اسلام آباد(بيورو) وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ اسمگلنگ ۽ مني لانڊرن جي خاتمي لاءِ قانون ۾ ضروري ترميم جو فيصلو ڪيو ويو آهي. وزير اعظم جي صدارت هيٺ اسمگلنگ ۽ مني لانڊرنگ جي خاتمي بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ ناڻي واري وزير اسد عمر، مملڪتي گهرو وزير شهريار آفريدي، وزير اعظم جي صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين ۽ نعيم الحق سميت اسٽيٽ بينڪ جي گورنر ۽ ناڻي واري ۽ گهرو سيڪريٽرين به شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سيڪريٽري ڪامرس ۽ ايف بي آر اختيارين طرفان اسمگلنگ ۽ مني لانڊرنگ بابت بريفنگ ڏني وئي. وزير اعظم عمران خان کي رقم جي غير قانوني اچ وڃ سبب قومي معيشت کي ٿيل نقصانن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. پڌرائي موجب اجلاس ۾ اسمگلنگ ۽ مني لانڊرنگ جي خاتمي لاءِ قانون ۾ ضروري ترميمن جو فيصلو ڪيو ويو. موجوده قانون ۾ ضروري ترميم لاءِ اٽارني جنرل جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي. پڌرائي موجب ڪميٽي ڪسٽم، اسٽيٽ بينڪ، ايف بي آر ۽ ايف آءِ اي جي نمائندن تي ٻڌل هوندي. ڪميٽي ايندڙ هڪ هفتي ۾ پنهنجون سفارشون پيش ڪندي. وزير اعظم گهرو وزارت کي انتظامي بندوبست بابت گهربل حڪمت عملي جون سفارشون هڪ هفتي ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت به ڪئي. ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ سستن گهرن جي اڏاوت بابت اجلاس ۾ ملڪ ۾ 50 لک سستن گهرن جي اڏاوت بابت غور ويچار ڪيو ويو. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ سستن گهرن جي اڏاوت بابت اجلاس ڪوٺايو ويو. اجلاس ۾ يعقوب اظهار، نجيب هارون، ارشاد داد، سيڪريٽري هائوسنگ اينڊ ورڪس ڊاڪٽر زيب خان، سيڪريٽري قانون جسٽس رٽائرڊ عبدالشڪور پراچا ۽ ٻين عهديدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم سستن گهرن جي اڏاوت بابت سڪريٽري هائوسنگ جي سربراهيءَ ۾ ڪميٽي جوڙي ڇڏي جيڪا هفتي ۾ سفارشون وزيراعظم کي پيش ڪندي. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته 50 لک سستن گهرن جي اڏاوت سندس پهرين ترجيح ۾ شامل آهي، سستن گهرن جي اڏاوت سان عوام جا رهائشي مسئلا حل ٿيندا، سستن گهرن سان اقتصادي ترقي سان گڏ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. هن چيو ته غريبن کي بي گهر ڪرڻ کانسواءِ ڪچين آبادين کي ريگوليٽ ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته گهرن جي اڏاوت ۾ خانگي شعبي جي حوصلا افزائي ڪئي ويندي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟