اسلام آباد ( بيورو ) چيف جسٽس ميان ثاقب نثار پرڏيهه ۾ ملڪيتن بابت ڪيس جي ۾ رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته پرڏيهه مان رقم جي واپسي بابت اڳڀرائي تي مطمئن نه آهيون، پنهنجا اثاثا ظاهر نه ڪندڙن تي مني لانڊرنگ جو ڪيس ٺهي ٿو. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ پرڏيهه ملڪيتن بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، اسٽيٽ بئنڪ جو گونر طارق باجوه پيش ٿيو. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر عدالت کي آگاهه ڪيو ته لنڊن اٿارٽيز 225 ماڻهن جي ملڪيتن جي ڄاڻ ايف بي آر کي موڪلي جڏهن ته عدالتي معاون شبر زيدي ٻڌايو ته ايف بي آر 300 ماڻهن جي پرڏيهه ۾ ملڪيتن تي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن ۽ وڌيڪ رقم هنڊي ذريعي پرڏيهه منتقل ٿي. هن چيو ته پرڏيهه رقم جي منتقلي جي حوالي سان اڳڀرائي تي مطمئن نه آهن، ايمنسٽي اسڪيم باوجود رقم ۽ ملڪيتون ٻاهر پيل آهن. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر چيو ته دبئي اٿارٽي کي چونداسين ته ملڪيتون نه مڃيندڙن خلاف بي نامي قانون تحت ڪارروائي ڪن، جن ملڪيتون حاصل ڪيون تن کان ذريعا طلب ڪنداسين. جسٽش اعجاز الحسن چيو ته ڇا هي اهي ماڻهو آهن جيڪي پاڪستان ۾رهندا آهن ۽ ٻار ملڪيتون ٺاهيندا آهن، جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته توهان جي ڪميٽي جا ٽي او آر ساده آهن، هي اهي ماڻهو آهن جيڪي پئسا چوري ڪري ٻاهر موڪليندا آهن. چيف جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏيندي چيو ته اسان معاملي تي پنج مهينا اڳ پاڻمرادو نوٽيس ورتو پر اڳڀرائي سست آهي. جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته ايمنسٽي اسڪيم ۾ 2 سيڪڙو ٽيڪس رکيو ويو جيڪا گهٽ هو، انڊونيشيا 17 سيڪڙو ٽيڪس رهي اتي اها اسڪيم ڪامياب رهي، رپورٽ موجب ايمنسٽي اسڪيم سان لڳ ڀڳ 8 ارب ڊالر جي ملڪيت ظاهر ڪئي وئي آهي.جسٽس ثاقب نثار طارق باجوه کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا گورنر اسٽيٽ بئنڪ، سمورا ماڻهو موجود آهن، 100 ماڻهن جا نالا ڏيو باقي ڪم اسان پاڻ ڪنداسين، ايف بي آر کان وڌيڪ عدليه پاڪستان جي اسٽيٽ آهي، پنهنجا اثاثا ظاهر نه ڪندڙن تي مني لانڊرنگ جو ڪيس ٺهي ٿو.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟