اتحادي فنڊ جي معطلي پاڪستان سان سيڪيورٽي تعاون ختم ٿيڻ جو حصو آهي: پينٽاگون

0Shares

واشنگٽن(م ڊ) پينٽاگون ترجمان جو چوڻ آهي ته پاڪستان سانسيڪيورٽي تعاون جي معطلي جو اعلان جنوري 2018ع ۾ ڪيو ويو هو ۽ ان ۾ ڪوليشن سپورٽ فنڊ به شامل آهي. پينٽاگون ترجمان طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته 30 ڪروڙ ڊالر امداد روڪڻ بابت اعلان نئون فيصلو يا نئون اعلان ناهي، اهو اعلان فنڊز جي نئين سر ترتيب لاءِ مدو ايڪسپائر ٿيڻ کان اڳ جولاءِ جي درخواست جي توثيق آهي. ترجمان چيو ته ڪوليشن سپورٽ فنڊ جي معطلي جي صورتحال برقرار آهي، پاڪستان سان سيڪيورٽي تعاون جي معطلي جو اعلان جنوري 2018ع ۾ ڪيو ويو هو، سيڪيورٽي تعاون ختم ٿيڻ ۾ ڪوليشن سپورٽ فنڊ به شامل آهي ۽ 30 ڪروڙ ڊالر روڪڻ جي خبرن ۾ ڪيترين شين کي حقيقتن کان هٽي پيش ڪيو ويو، فنڊ رڪجڻ جي هاڻوڪين خبرن سان ڪوليشن سپورٽ فنڊ جي تفصيلن کي مسخ ڪيو ويو. ترجمان جو چوڻ هو ته آمريڪا جنوري کان پاڪستاني فوجي اختيارين سان اعليٰ ترين سطح تي رابطي ۾ آهي، آمريڪا ۽ پاڪستان سمورن دهشتگرد گروپن کي شڪست ڏيڻ جي عزم تي قائم آهي، پاڪستان ۽ آمريڪا افغانستان جو مستقبل پرامن ٿيڻ جو وزن رکن ٿا. پينٽاگون ترجمان وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ حقاني گروپ سميت سمورن دهشتگرد گروپن جي خلاف بنا فرق ڪارروائي لاءِ دٻاءُ وجهندا رهنداسين، طالبان قيادت کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ يا گرفتار ڪري بي دخلي لاءِ به پاڪستان تي دٻاءُ وجهندا رهنداسين.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں