سنڌ سرڪار ڀاشا ۽ مهمند ڊيمن لاءِ فنڊ ريزنگ کي سيلز ٽيڪس کان آجو قرار ڏئي ڇڏيو

0Shares

ڪراچي: (چيف رپورٽر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو ٻيو اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ ڪوٺايو ويو. اجلاس ۾ وڏي وزير صحت کاتي کي هاءِ ٽينشن تارن ڪرڻ سبب پنهنجين ٻانهن ۽ هٿن کان محروم ٿيل ٻن ٻارڙن جي علاج معالجي جا سمورا بندوبست ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وڏي وزير چيو ته احسن آباد جي اٺن سالن جي عمر ۽ سرجاني ٽائون جي 9 سالن جي حارث سان پيش ايندڙ واقعا ڏکوئيندڙ آهن. هن چيو ته آئون چاهيان ٿو ته هر قيمت تي انهن جو علاج ٿئي ۽ صوبائي حڪومت انهن جي علاج معالجي جا سڀئي خرچ برداشت ڪري. هن سيڪريٽري صحت ڊاڪٽر عثمان چاچڙ کي چيو ته هو ماهرن/ڊاڪٽرن سان ڳالهه ٻولهه ڪري ۽ انهن ٻارڙن جي رپورٽ ڏني وڃي ته جيئن اهي علاج ڪري سگهن ۽ ٻارڙا هڪ ڀيرو ٻيهر نارمل زندگي گذاري سگهن. وڏي وزير چيو ته انهن کي هٿرادو عضوا لڳائڻ جو پڻ بندوبست ڪري سگهجي ٿو ۽ آئون نه ٿو ڄاڻان ته اهو ڪيئن ٿيندو پر منهنجي خواهش آهي ته هر قيمت تي هئڻ گهرجي. هن سيڪريٽري صحت کي اها پڻ هدايت ڪئي ته هن کي انهيءَ بابت روزاني بنياد تي رپوٽ اماڻي وڃي. سنڌ ڪابينا شهر ۾ هر جاءِ تي لٽڪيل اووهيڊ تارن جي مسئلي کي پڻ اٿاريو. وڏي وزير ڪابينا جي سفارش تي مڪاني کاتي جي سيڪريٽري جي اڳواڻي ۾ هڪ ڪميٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي جيڪا انٽرنيٽ، ٽيليفون، ٽي وي ڪيبل تارن ۽ ٻين سڀني اوورهيڊ تارن کي هٽائڻ لاءِ لاڳاپيل ادارن سان لهه وچڙ ۾ ايندي. هن چيو ته انهن ڪيبلن سبب نه فقط شهر جي خوبصورتي خراب ٿي رهي آهي بلڪه هو پريشاني جو ڪارڻ پڻ بڻجي رهيا آهن ۽ ڪنهن وقت ته گاڏين مٿان ته وري ڪنهن وقت روڊن تي ڪريل پيون هونديون آهن. وڏي وزير مڪاني کاتي جي سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته هو انهن تارن کي هٽائڻ لاءِ ڪمشنر ڪراچي سان پڻ مدد گهري سگهي ٿو. ڪابينا مڪاني کاتي جي سيڪريٽري خالد حيدر شاهه کي اهو ٽاسڪ ڏنو ته اهو سڀئي لاڳاپيل ڪيبل مالڪن ۽ ايجنسين سان ڳالهه ٻولهه ڪري ۽ انهن کي اوورهيڊ ڪيبل هٽائڻ ۽ انهن کي زمين اندر ڪرڻ لاءِ وقت ڏنو وڃي. ڪابينا اهم مسافر جاين، سنگنلن ۽ پينو فقيرن کي پنهنجي ننڍن ٻارن سان گڏ پنڻ تي پڻ سنگين خدشن جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته اهو قبولڻ جوڳو نه آهي ۽ اسان انهيءَ ڳالهه جي بلڪل اجازت ڪونه ڏينداسين ته ننڍا ٻار پنهنجي زندگي جي شروعات پنڻ کان ڪن. وڏي وزير چيو ته اسان سماجي برائي تي ضابطي آڻڻ لاءِ سخت اُپاءُ وٺنداسين. وڏي وزير جي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪوبه نٿو ڄاڻي ته ڪهڙي ريت ٻار هيڏانهن کان هوڏانهن پنندا وتندا رهن ٿا. ڪابينا انهيءَ مسئلي تي هڪ تفصيلي رپورٽ گهري ورتي آهي ۽ شهر مان پينو فقيرن جي خاتمو جو فيصلو پڻ ڪيو آهي. ٽريفڪ پوليس، ضلعي انتظاميا ۽ سماجي ڀلائي وارو کاتو گڏجي شهر مان پينو فقيرن جي مافيا جي خاتمي لاءِ ڪم ڪندا. قانون کاتي هڪ آئيٽم پيش ڪيو جنهن هيٺ پوليٿن ۽ پلاسٽڪ جون ٿيلهين تي پابندي لاڳو ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي. قانون واري صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو ته ملڪ جي ماحولياتي تبدلين ڪارڻ سنگين مسئلا سامهون اچي رهيا آهن تنهن کي نظر ۾ رکندي ماحول دوست معاشري جي ترقي لاءِ سخت قانون ٺاهڻا پوندا. وڏي وزير قانون کاتي کي هدايت ڪئي ته اهو آئيٽم ڪابينا جي اڳئين اجلاس ۾ تفصيلي اسٽيڊي ۽ سڀني اسٽيڪ هولڊرن سان گڏ صلاح مشوري کان پوءِ پيش ڪيو ويندو. صحت کاتي سينٽرل ڪنٽريڪٽ سسٽم جي آخري ٽرنڊر جي منظور ٿيل اگهن تي دوائن جي خريداري جنهن لاءِ فنڊز اڳواٽ ئي جاري ڪيا ويا آهن بابت ڇوٽ متعلق هڪ آئيٽم پيش ڪيو. صحت بابت صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو چيو ته اهڙي طرح جي ڇوٽ سيد عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز سيوهڻ لاءِ پڻ گهربل آهي. ڊاڪٽر عذرا پيچوهو چيو ته 1991 ۾ سمورن کاتا پنهنجي سطح تي خريداري ڪرڻ لاءِ مجاز هئا. هن چيو ته 2-2001 ۾  به سمورا ضلعا پنهنجو پاڻ خريداري ڪرڻ جا مجاز هئا. صوبائي سطح تي ادارا (ٽيچنگ/وڏن اسپتالن) خريداري لاءِ صحت کاتي سان گڏ سينٽرلائزڊ هئا. 2007 ۾ سمورا ادارا، ٽيچنگ/وڏا اسپتال ۽ ضلعي صحت جا مرڪز پنهنجي طور خريداري جا مجاز هئا.2014-15 ۾ ادارن/ضلعن وچ ۾ اگهن جي فرق ڪارڻ سڀئي صحت جا ادارا/اسپتالون منصوبن لاءِ سينٽرل ريٽ ڪانٽريڪٽ سسٽم هيٺ خريداري لاءِ سينٽرلائزڊ ڪيا ويا. واضح رهي ته 85 سيڪڙو دوائون سينٽرل ڪانٽريڪٽ سسٽم هيٺ ۽ 15 سيڪڙو مقامي خريداري هيٺ خريد ڪيون پيون وڃن. صحت واري صوبائي وزير ڪابينا کي درخواست ڪئي ته سينٽرل ڪانٽريڪٽ 2017-18 هيٺ ڄاڻايل اگهن ۽ جاري ڪيل بجيٽ سان دوائون خريد ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي ۽ سنڌ پبلڪ پرائيويٽ پراڪيورمينٽ قانون هيٺ ڇوٽ پڻ فراهم ڪئي وڃي جنهن تي ڪابينا ڇوٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي ۽ صحت کاتي هدايت ڪئي ته ايندڙ اهڙي طرح جو ڪوبه ڇوٽ ٻيهر نه گهري. ناڻي کاتي تفصيلي پريزينٽيشن ڏني ۽ ڪابينا کي سنڌ بينڪ لميٽڊ جي نئين چيف ايگزيڪٽو آفيسر/صدر جي مقري جي منظوري ڏيڻ جي درخواست ڪئي. ناڻي کاتي جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري ناڻو نور عالم چيو ته بينڪ جي بورڊ آف ڊائريڪٽر 22 جنوري 2018 جو انهيءَ سيٽ لاءِ انٽرويو ڪري 4 اميدوار چونڊيا هئا. ڪابينا طارق احسن جيڪو لسٽ ۾ پهرين نمبر تي هو جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. سنڌ روينيو بورڊ ديامير ڀاشا ۽ مهمند ڊيمز فنڊز ڪارڻ عطيئن تي سروسز فراهم ڪرڻ تي سنڌ سيلز ٽيڪس جو ڇوٽ جو هڪ آئيٽم پيش ڪيو. ڪابينا ڇوٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. قانون کاتي سول پروسيجر، 1908 (ايڪٽ نمبر 1908 v جي ڪوڊ ۾ ترميم پيش ڪئي، انهيءَ ترميم هيٺ سول پروسيجر ڪوڊ جي شڪ 2 ۾ ترميم درج ڪئي وئي جنهن تحت متبادل ڇڪتاڻ جي حل، مفاهمت، ٽياڪڙي جي سمجهاڻي پيش ڪئي وئي آهي. ٽرانسپورٽ کاتي امينٽي پلانٽس کي ماس ٽرانزٽ منصوبي لاءِ استعمال/تبديل ڪرڻ جي تجويز ڏني. امينٽي پلاٽن جي تبديلي هيٺ ٽرانسپورٽ کاتي 2 امينٽي پلاٽن ايس ٽي 11-، سيڪٽر 4 سرجاني ٽائون ۽ ڪي جي اي گرائونڊ ويجهو نمائش ڪراچي استعمال لاءِ تجويز ڪيا جتي ماس ٽرانزٽ منصوبي جو انفرااسٽرڪچر بڻايو ويندو. ڪابينا ٽرانسپورٽ کاتي کي هدايت ڪئي ته هو ايندڙ ڪابينا اجلاس ۾ ڄاڻايل ايجنڊا پيش ڪري ۽ سمورا تفصيل، قائدن ۽ قانونن جنهن تحت لاڳاپيل پلاٽن کي تبديل ڪرڻ گهرو ٿا پيش ڪيا وڃن. گهرو کاتي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سفارش تي راشد مصطفيٰ سولنگي ۽ غلام مصطفيٰ اي ميمڻ کي بطور جج ترتيب سان دهشتگردي ٽوڙ عدالتن نمبر XVA ڪراچي ۽ ڪورٽ نمبر 2 سينٽرل جيل حيدرآباد مقرر لاءِ پيش ڪيو جنهن تي سنڌ ڪابينا انهن جي تعيناتي جي منظوري ڏئي ڇڏي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں