شرڌا ڪپور پاران پهرين فلم رليز ٿيندي ٻئي فلم ٺاهڻ جو اعلان

0Shares

ممبئي(شوبز نيوز) باليووڊ ۾ فلمن جو سيڪوئل ٺاهڻ  ڪا نئين ڳالهه ناهي، جيتوڻيڪ ڪيترن ئي فلمن جا سيڪوئل ڏيڍ اڍائي سالن بعد ٺاهيا ويندا آهن، پر ڪجهه فلمون اهڙيون به آهن جنهن جي پهرين فلم ريليز ٿيندي ٻي فلم ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ويندو آهي. رومانٽڪ هارر فلم”استري“ پڻ اهڙين فلمن ۾ شامل آهي، جن جي پهرين فلم کي ريليز ڪندي ئي ان جي ٻي فلم ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه اها آهي ته ”استري“ ريليز جي ٽن ڏينهن ۾ نه ئي 100 ڪروڙ رپيا ڪمايا آهن ۽ نه ئي پنجاهه ڪروڙ پر ان باوجود ان جو سيڪوئل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. شرڌا ڪپور ۽ راج ڪمار رائو جي فلم” استري“ کي پهرين سپٽمبر تي ريليز ڪيو ويو هو ۽ فلم شروعاتي ٽن ڏينهن ۾ 31 ڪروڙ رپين جو بزنس ڪري چڪي آهي. جيتوڻيڪ فلم جي شروعات سٺي رهي، پر ان جي ڪمائي ايتري ناهي جو ان جي ريليز ٿيندي ئي ان جو سيڪوئل جو اعلان ڪيو وڃي.پرڏيهي خابرو ادري موجب ”استري“ 3 سپٽمبر تائين سڄي ڀارت مان 31 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ بزنس ڪيو آهي. فلم ريليز جي پهرين ڏينهن 6 ڪروڙ 82 لک رپيا ڪمايا هئا، ٻئي ڏينهن فلم جي ڪمائي 10 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رهي  ”استري“ ٽئين ڏينهن 13 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جو بزنس ڪيو. پر فلم کي ريليز ڪندي ئي فلم ٽيم ان جو سيڪوئل ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. رپورٽن موجب فلم پروڊيوسر ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته ”استري“ جو سيڪوئل ٺاهيو ويندو ۽ ان کي ايندڙ سال جي آخر ۾ ريليز ڪيو ويندو. فلم پروڊيوسر موجب فلم جا  مرڪزي شرڌا ڪپور ۽ راج ڪمار رائو ئي ادا ڪندا ۽ انهن جي ڪردارن جي ڪهاڻي کي اڳتي وڌايو ويندو. اڃان تائين اهو واضح ناهي ٿيو ته فلم جي ٻي ڪاسٽ ٻيا ڪهڙا اداڪار شامل آهن، پر اهو خيال ڪيو پيو وڃي ته سيڪوئل ۾ پڻ ڪافي اداڪار پهرين حصي جا کنيا ويندا. پهرين فلم جي هدايتڪار امر ڪوشڪ ڏني آهي، جڏهن ته ان کي دنيش وجن ۽ راج اينڊ ڊي ڪي پروڊيوس ڪيو آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں