آءِ سي سي نئين ٽيسٽ رينڪنگ جاري، ٽاپ ٽين ۾ ڪوبه پاڪستاني رانديگر جاءِ نه ٺاهي سگهيو

0Shares

دبئي(اسپورٽس نيوز) سائوٿيمپٽن ۾ انگلينڊ هٿان ڀارت کي شڪست کانپوءِ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪونسل نئين ٽيسٽ رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي. ٽاپ ٽين رانديگرن ۾ ڪوبه پاڪستاني بيٽسمين يا بالر شامل ناهي. بيٽسمينن جي نئين رينڪنگ ۾ ڀارتيڪ پتان ويرات ڪوهلي کي تمام بيٽسمينن مٿان سرسي حاصل آهي جڏهن ته بالرن ۾ انگلينڊ جو جيمز اينڊرسن ڇانئنجي ويو. آل رائونڊرن ۾ بنگلاديش جو شڪيب الحسن پهرين پوزيشن تي قابض آهي. بيٽسمينن ۾ ڀارت جو ويرات ڪوهلي پهرين، آسٽريليا جو اسٽيو سمٿ ٻئي، آسٽريليا جو هيڪين وليمسن ٽئين، آسٽريليا جو ڊيوڊ وارنر چوٿين، انگلينڊ جو جو روٽ پنجين، ڀارت جو چتيشور پجارا ڇهين، سريلنڪا جو ڪرونا رتني ستين، سريلنڪا جو دنيش چندي مل اٺين، ڏکڻ آفريڪا جو ڊين ايلگر نائين ۽ ڏکڻ آفريقا جو ايڊن مارڪرم ڏهين نمبر تي آهي. بالرن جي فهرست ۾ جيمز اينڊرسن پهرين، ڏکڻ آفريڪا جو ڪگيسو ربادا ٻئي، ڀارت جو رويندرا جديجه ٽئين، ڏکڻ آفريڪا جو ورنون فلينڊر چوٿين، آسٽريليا جو پيٽ ڪمنز پنجين، نيوزيلينڊ جو ٽرينٽ بولٽ ڇهين، سريلنڪا جو رنگنا هيراٿ ستين، ڀارت جو روين چندرن ايشون اٺين، نيوزيلينڊ جو نيل ويننر نائين ۽ آسٽريلا جو جوش هيزل ووڊ ڏهين نمبر تي موجود آهي.  آءِ سي سي جي آل رائونڊر فهرست ۾ شڪيب الحسن جو پهرين نمبر تي قبضو برقرار آهي جڏهن ته ڏکڻ آفريڪا جو ورنون فلينڊر ٻئي، ڀارت جو رويندرا جديجه ٽئين، ويسٽ انڊيز جو جيسن هولڊر چوٿين، ڀارت جو روي چندرن ايشون پنجين، انگلينڊ جو بين اسٽوڪس ڇهين، انگلينڊ جو معين علي ستين، انگلينڊ جو ئي ڪرس ووڪس اٺين، نيوزيلينڊ جو پيٽ ڪومنز نائين ۽ آسٽريليا جو مچل اسٽارڪ ڏهين نمبر تي موجود آهن. نئين رينڪنگ ۾ ڪنهن پاڪستان بيٽسمين يا بالر جي عدم موجودگي تي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر ۽ چيف سليڪٽر انضمام الحق جو چوڻ آهي ته صورتحال پريشان ڪندڙ آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں