سائوٿيمپٽن ٽيسٽ: انگلينڊ ڀارت کي 60 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز 1-3 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي

0Shares

سائوٿيمپٽن(اسپورٽس نيوز)  انگلينڊ ڀارت کي چوٿين ٽيسٽ ۾ شڪست ڏئي سيريز 1-3 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي سائوٿيمپٽن ٽيسٽ جي چوٿين ڏينهن انگلينڊ پنهنجي نامڪمل اننگز 260 رنسن تي 8 وڪيٽن جي نقصان تي شروع ڪئي ته ڪيورن 37 رنسن تان ڪريز تي موجود هو. انگلينڊ کي 260 رنسن تي ئي نائين وڪيٽ جو جهٽڪو براڊ جي صورت ۾ لڳو جيڪو بنا کاتا کولڻ جي پويلين موٽيو. انگلينڊ جي ڏهين ۽ آخري وڪيٽ 271 رنسن تي ڪري جڏهن ڪيورن 46 رنسن تي رن آئوٽ ٿي پويلين موٽيو. اهڙي طرح انگلينڊ ڀارت کي 245 رنسن جو هدف ڏنو. ڀارت 245 رنسن جو آسان هدف حاصل ڪرڻ ۾ شروع کان ئي ڏکيائين جو شڪار رهي. ڀارت 22 رنسن تي پنهنجون اهم 3 وڪيٽون وڃائي ويٺي. ڀارت کي 4 رنسن تي پهريون جهٽڪو تڏهن لڳو جڏهن راهول بنا کاتو کولڻ جي ئي پويلين موٽيو، ٻيو نقصان تڏهن ٿيو جڏهن جلد ئي پجارا به 5 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، ٽيون جهٽڪو ڌون جي صورت ۾ لڳو جيڪو 17 رنسون ٺاهي پنهنجي وڪيٽ وڃائي ويٺو. ڪپتان ويرات ڪوهلي ۽ اجنڪيا رهاني ان کانپوءِ ڪريز تي ڄمي ويا ۽ انگلش بالرن جي مزاحمت ڪندي 101 رنسن جي پارٽنر شپ جوڙي ورتي، ڀارت کي 123 رنسن تي وڏو جهٽڪو ان وقت لڳو جڏهن ڪپتان ويرات ڪوهلي 58 رنسون ٺاهي معين علي جي بال تي ڪوڪ کي ڪيچ ڏئي ويٺو ته ڀارتي مداحن کي مئچ ڀارت هٿان نڪرندي نظر اچي رهي هئي. ويرات ڪوهلي جي پويان ڀارت کي جلد ئي 127 رنسن تي هرديڪ پانڊيا جي صورت ۾ پنجون جهٽڪو لڳو جڏهن هو بنا کاتو کولڻ جي ئي پويلين موٽي آيو. انڊيا کي 150 رنسن تي ڇهون نقصان پينٽ جي صورت ۾ پهتو جڏهن هو 18 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. ان وقت ڀارت جون کٽڻ جون رهيل اميدون به مٽيءَ ۾ ملي ويون جڏهن ڀارت کي 153 رنسن تي سيٽ بيٽسمين اجنڪيا رهاني جي صورت ۾ نقصان پهتو جيڪو 51 رنسون ٺاهي معين علي جي بال تي ايل بي ڊبليو آئوٽ ٿي ويو. ڀارت جو اٺون آئوٽ ٿيندڙ رانديگر اشانت شرما هو جيڪو بنا کاتو کولڻ جي ئي پويلين موٽيو، ڀارت نائين وڪيٽ 163 رنسن تي وڃائي جڏهن محمد شامي 9 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. ڀارت جو آخري آئوٽ ٿيندڙ بيٽسمين ايشون هو جيڪو گڏيل اسڪور 184 رنسن تي 25 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. انگلش بالرن ۾ معين علي 4، اينڊرسن ۽ اسٽوڪس 2-2، براڊ ۽ ڪيورن هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. معين علي کي پليئر آف دي مئچ قرار ڏنو ويو. انگلينڊ ڀارت کي 5 ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي چوٿين ميچ ۾ شڪست ڏئي 1-3 تان سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں