جڪارتا(اسپورٽس نيوز) ايشين گيمز جي هاڪي فائينل ۾ انتهائي سنسني خيز مقابلي کانپوءِ جاپان پهريون ڀيرو چئمپين بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪري ورتو. ڇنڇر ڏينهن ٿيندڙ مئچ ۾ جاپان ملائيشيا کي پنلٽي شوٽ آئوٽ تي 1-3 تان شڪست ڏئي پهريون ڀيرو چئمپين بڻجي ويو. هڪ موقعي تي جاپان جي ٽيم 5-2 جي خساري ۾ هئي پر آخري لمحن ۾ حيران ڪن راند پيش ڪندي ڪاميابي پنهنجي نالي ڪئي. ايشين گيمز 2018ع ۾ هاڪي ايونٽ جي فائينل ۾ پهرين ئي پيريڊ ۾ ڪافي تيز رفتار سان راند ڏسڻ ۾ آئي. ملائيشيا چوٿين ئي منٽ ۾ ان وقت برتري حاصل ڪئي جڏهن محمد رضي عبدالرحيم پنالٽي ڪانر تي گول ڪري ورتو. پر نائين منٽ ۾ جاپان جي سيرن تناڪا گول ڪري ميچ هڪ هڪ گول تان برابر ڪري ڇڏي. پر ٻن منٽن کانپوءِ ئي ٽينگڪو احمد تاج الدين هڪ ٻئي پٺيان ٻه گول ڪري هڪ ڀيرو ٻيهر ملائيشيا مٿان 1-3 جي سرسي حاصل ڪري ورتي. ٻئي پيريڊ ۾ به ملائيشيا ميچ تي پنهنجي ڪنٽرول برقرار رکيو ۽ راند جي 17 هين منٽ ۾ فيصل ساري گول ڪري پنهنجي ٽيم جي برتري کي 1-4 سان گڏ وڌيڪ مستحڪم ڪري ڇڏيو. ٽن گولن جي خساري ۾ وڃڻ باوجود جاپاني رانديگرن حريف ٽيم تي حملا جاري رکيا ۽ 23 هين منٽ ۾ ڪينتا تناڪا گول ڪري اسڪور 2-4 تي پهچايو. راند جو ٻيو پيريڊ ان اسڪور تي ختم ٿيو جڏهن ته ٽئين پيريڊ ۾ ڪابه ٽيم گول اسڪور نه ڪري سگهي. چوٿين پيريز ۾ جاپان بهترين راند جو مظاهرو ڪيو ۽ 50 هين منٽ ۾ 2-5 جي خساري باوجود هڪ ٻئي پٺيان 3 گول اسڪور ڪري 58 هين منٽ ۾ ميچ 5-5 تان برابر ڪري ڇڏيو. ميچ جي سنسني خيزي اتي ختم نه ٿي، ايندڙ منٽ ۾ ملائيشيا جي ٽينگڪو احمد تاج الدين گول ڪري نه صرف پنهنجي ٽيم کي برتري ڏياري بلڪ هيٽ ٽرڪ به مڪمل ڪري ورتي. جاپان جي هيروماسا اوچيائي ميچ جي آخري لمحن ۾ پنالٽي شوٽ آئوٽ تي گول ڪري ميچ هڪ ڀيرو ٻيهر 6-6 تان برابر ڪري ڇڏي. ان کانپوءِ مئچ جي فيصلي لاءِ پنالٽي شوٽ آئوٽ تي فيصلو ڪيو ويو ۽ ٻنهي ٽيمن کي پنج پنج پنالٽي شوٽ آئوٽ ڏنا ويا. پنالٽي شوٽ آئوٽ ۾ ملائيشيا جي رانديگر نروس نظر آيو ۽ لڳاتار ٽي پنالٽي شوٽ آئوٽ ضايع ڪيا. ايشين گيمز هاڪي جي فائينل ۾ جاپان ملائيشيا کي سخت مقابلي بعد شڪست ڏئي سون جو ميڊل پنهنجي نالي ڪري ورتو. سيمي فائينل ۾ ملائيشيا ڀارت جڏهن ته جاپان پاڪستان کي شڪست ڏني هئي. ٽئين پوزيشن جي ميچ ۾ ڀارت پاڪستان کي 1-2 تان هارائي ڪانسي جو ميڊل پنهنجي نالي ڪيو هو.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟